هلندڙ سال پاڪستان تي 4 سئو کان مٿي سائبر حملا ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر حيدر عباس انڪشاف ڪيو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان تي 400 کان وڌيڪ سائبر حملا ڪيا ويا، پر سمورن سائبر حملن کي وقت سر ناڪام بڻايو ويو.

ڊاڪٽر حيدر عباس چيو ته ملڪ کي هڪ مضبوط نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي جي ضرورت آهي ۽ اها اٿارٽي وزيراعظم جي ماتحت هجڻ گهرجي.

هڪ انٽرويو دوران هن پاڪستان کي درپيش وڌندڙ سائبر خطرن ۽ رياستي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ سائبر حملن کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي سائبر سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ بااختيار نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي.

نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي کي سڄي ملڪ جي سائبر سيڪيورٽي جو انتظام سنڀالڻ گهرجي، ۽ وزيراعظم جي سربراهي ۾ اها اٿارٽي وڌيڪ اثرائتي نموني ڪم ڪري سگهندي.

You might also like