ڪراچي: سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ 29 ڊيلي ويجز ملازمن کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (ع آ ڊاڪٽ پي ڪي) سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ هڪ اهم اڳڀرائي تحت ڊيلي ويجز بنيادن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ 29 ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ باقاعده حڪمنامو به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ڪراچي ۽ ٻين مختلف ضلعن ۾ مقرر انهن 29 ملازمن جون خدمتون فوري طور تي ختم ڪيون ويون آهن.

برطرف ڪيل ملازمن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندڙ عملو شامل آهي. انهن ۾ آفيس اسسٽنٽ، دفتري، ڊرائيور، نائب قاصد، ڊيٽا انٽري آپريٽر، ڪمپيوٽر آپريٽر، سوشل موبلائيزر، ڪنسلٽنٽ ۽ ٻين شعبن جا ملازم شامل آهن.

سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن سان گڏ برطرف ڪيل تمام ملازمن جا نالا، انهن جا عهدا ۽ انهن جي مقرري وارن ضلعن جي مڪمل لسٽ به جاري ڪئي وئي آهي.

حڪمنامي ۾ واضح ۽ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته تمام لاڳاپيل دفتري ۽ ضلعي آفيسر ان فيصلي تي بنا دير عملدرآمد ڪرڻ جا پابند هوندا.

ان کانسواءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته برطرف ڪيل انهن 29 ملازمن مان ڪنهن به فرد کي بورڊ جي ڪنهن به آفيس، شعبي يا ذيلي منصوبي ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

حڪمنامي جون تمام ڪاپيون لاڳاپيل اعليٰ اختيارين، تمام ضلعي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل دفترن ڏانهن رسمي عملدرآمد لاءِ موڪليون ويون آهن.

You might also like