ڪراچي (ع آ ڊاٽ پي ڪي) سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) جي تحت هلندڙ لانڍي اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيس سامھون اچڻ جي معاملي تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
ڪمشنر سيسي هادي بخش ڪلهوڙو موجب ان جاچ ڪميٽي جي سربراهي چيف ميڊيڪل آفيصر ڊاڪٽر نائلا ظهير ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ميڊيڪل آفيصر ڊاڪٽر اشرف، ڊاڪٽر راشد حسن نقوي، ڊاڪٽر تنوير قادر خانزادا ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آڊٽ محمد طاهر شامل آهن.
اها 5 رڪني جاچ ڪميٽي لانڍي اسپتال ۾ رپورٽ ٿيل ايڇ آءِ وي جي سڀني 10 ڪيسن ۽ گڏيل صورتحال جو هر زاويي کان جائزو وٺندي.
ڪميٽي کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته اها ايڇ آءِ وي جي ڪنفرم ڪيسن، ليبارٽري ۽ اسڪريننگ ٽيسٽن جي رپورٽن، اسپتال اسٽاف، سيسي تحت ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ انهن جي وارثن جي صحت سان لاڳاپيل تفصيلن جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري.
ان سواءِ اها ڪميٽي رپورٽ ٿيل ڪيسن جي وچ ۾ وبائي مرضن جي لاڳاپن ۽ انفيڪشن پکڙجڻ جي امڪاني ذريعن جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪندي.
جاچ دوران اسپتال ۾ انجيڪشن هڻڻ جي طريقن، ڊسپوزيبل سرنجن ۽ سوين جي استعمال جو گهرائي سان جائزو ورتو ويندو.
ڪميٽي دوائن ۽ ڊسپوزيبل سامان جي خريداري، انهن جي دستيابي ۽ درست استعمال جي حوالي سان به سوال ۽ پڇا ڳاڇا ڪندي.
ان سان گڏوگڏ لانڍي اسپتال ۾ بائيو ميڊيڪل ويسٽ مئنيجمينٽ، ايس او پيز ۽ انفيڪشن کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول (آءِ پي سي) جي قدمن جو به تفصيلي معائنو ڪيو ويندو.
ڪميٽي متاثر ٻارن ۽ انهن جي ماءُ پيءُ جو مڪمل ڊيٽا تيار ڪندي ۽ اهو معلوم ڪندي ته ڇا اهو وائرس اسپتال جي عملي جي غفلت سان پکڙيو يا ان جي پٺيان ٻيا ڪارڻ آهن.