موروثي سياست تھ ڏسون پيا پر هاڻي خانداني بيوروڪريسي به اچي وئي آهي: فرمان علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا اقرباپروري، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڀرتين ۾ بي ضابطگين بابت نوان انڪشاف سامهون اچي ويا آهن، جن ۾ متاثر نوجوان چيو آهي ته مسئلو خالص اقرباپروري ۽ ڪرپشن جو آهي.
ٿڌي سڙڪ تحريڪ جي اڳواڻ فرمان علي پوڊڪاسٽ ۾ چيو آهي ته ڪيترن ئي قابل اميدوارن کي، جيڪي سي ايس ايس جهڙن مقابلي وارن امتحانن ۾ ڪامياب رهيا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتين ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو، جڏهن ته بااثر خاندانن سان لاڳاپيل ماڻهن کي نوڪريون مليون.
ھن چيو تھ پوليس سروس آف پاڪستان ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس لاءِ چونڊيل اميدوار، جن ۾ فهد شبير، کيم چند ۽ زيشان سميت ٻيا شامل آهن، به تڪراري نتيجن جو شڪار بڻيا.
رپورٽ موجب ٿڌي سڙڪ تحريڪ جي اڳواڻ چيو تھ اهو معاملو سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ تڪرار جو نه، پر اقرباپروري جو آهي، ڇو ته ميرٽ کان محروم ٿيندڙ ۽ فائدو وٺندڙ ٻنهي ٻولين سان تعلق رکن ٿا. ھن چيو تھ موروثي سياست تھ ڏسون پيا پر هاڻي خانداني بيوروڪريسي به وجود ۾ اچي وئي آهي.
فرمان علي ڳالھائيندي چيو ته 2013ع ۽ 2020ع جي گڏيل مقابلي واري امتحانن کي عدالتن بي ضابطگين سبب رد ڪري ڇڏيو ھو ، جڏهن ته تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ به ٻڌڻي دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت سخت ريمارڪس ڏنا هئا.
ھن مطالبو ڪيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتين جي شفاف، آزاد ۽ فارنزڪ جاچ ڪرائين، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪن ۽ ميرٽ تي عوام جو اعتماد بحال ڪن.

You might also like