تهران(ويب ڊيسڪ)ايران اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ دوران ملڪ جي گئس پيداوار جي صلاحيت ۾ گهٽتائي آئي آهي.
ايراني حڪومت جي ترجمان فاطمه مهاجراني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آمريڪا سان جنگ دوران ٿيندڙ حملن جي نتيجي ۾ ايران جي قدرتي گئس جي پيداوار جي صلاحيت ۾ روزانو لڳ ڀڳ 23 ڪروڙ (230 ملين) ڪيوبڪ ميٽر گهٽتائي آئي آهي.
واضح رهي ته ايران هلندڙ سال اپريل ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن سبب ٿيل تباهي تي معاوضي جو مطالبو ڪيو هو.
ابتدائي اندازن موجب 28 فيبروري کان شروع ٿيل هن جنگ کان پوءِ ايران کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لڳ ڀڳ 270 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو آهي.