واشنگٽن ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آمريڪي دوري خلاف احتجاج

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آمريڪا جي دوري خلاف واشنگٽن ڊي سي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج دوران آمريڪي مظاهرين اسرائيل جي حمايت ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت خلاف بينر کڻي بيٺا، جڏهن ته هنن فلسطيني جهنڊا پڻ ڦڙڪايا.

مظاهرين جو چوڻ هو ته آمريڪي حڪومت عالمي فوجداري عدالت جي وارنٽ تي عمل ڪندي نيتن ياهو کي گرفتار ڪري.

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات طئي ٿيل آهي.

واضح رهي ته صدر ٽرمپ اڳ ئي چئي چڪو آهي ته نيتن ياهو کي آمريڪا ۾ رهڻ دوران گرفتار نه ڪيو ويندو.

You might also like