ايران کي آبناءِ  هرمز تي اڪيلو ڪنٽرول نه ملندو، عمان گڏيل نظام جي تجويز ڏئي ڇڏي

عمان ايران کي آبناءِ هرمز جي انتظام لاءِ گڏيل علائقائي نظام قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن تحت رضاڪاراڻي فيس وصول ڪئي ويندي.

رپورٽن موجب عمان جي تجويز کي خطي جي ملڪن جي حمايت حاصل آهي. تجويز تحت ايران کي هن اهم سامونڊي رستي تي اڪيلو ڪنٽرول حاصل نه هوندو.

هي تجويز آبناءِ ملاڪا جي ماڊل تي ٻڌل آهي، جتي سامونڊي رستو استعمال ڪندڙ ملڪ ۽ ادارا رضاڪاراڻي طور فيس ادا ڪندا آهن، جنهن سان جهازن جي اچ وڃ، ماحولياتي تحفظ ۽ بچاءَ جي ڪمن جا خرچ پورا ڪيا ويندا آهن.

You might also like