لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 2019ع جي شاگرد تحريڪ دوران مشهوري ماڻيندڙ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ عروج اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي شاگردن جي تحريڪ کي ڪڏھن به اهميت نه ڏني وئي، جڏهن ته اڄ ڪيترائي ماڻهو ڀارت جي شاگرد تحريڪ جي ڪاميابي تي واکاڻ ڪري رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 2019ع ۾ جڏهن هوءَ ۽ سندس ساٿي اسٽوڊنٽس يونين جي بحالي لاءِ نعرا هڻندا هئا ته سندن وڊيوز ته وائرل ٿينديون هيون، پر تحريڪ جا اصل مطالبا نظرانداز ڪيا ويندا هئا.
عروج اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ 1984ع کان اسٽوڊنٽس يونين تي پابندي مڙھيل آهي ۽ اڄ به شاگردن کان اهو حلف ورتو وڃي ٿو ته هو ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندا.
هن چيو ته تحريڪ دوران مٿس ”را ايجنٽ“ ۽ ”پرڏيهي فنڊنگ“ جا الزام لڳا، جڏهن ته سندس ڪيترن ئي ساٿين تي غداري جا ڪيس به داخل ڪيا ويا.
هن وڌيڪ چيو ته کيس ڀارت جي شاگرد تحريڪ جي ڪاميابي تي خوشي آهي، پر پاڪستان ۾ هلندڙ شاگردن جي مسئلن تي به ساڳي سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ احتجاجن کانپوءِ استعيفائون اچن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان ۾ اهڙين تحريڪن تي پابنديون ۽ سخت قانوني ڪارروائيون ٿين ٿيون.
عروج اورنگزيب ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو ذڪر ڪندي چيوته ھتي انساني حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويئي جڏھن ته ڪشميري گذريل ھڪ مهيني کان سراپا احتجاج آھن ۽ ڪير به سندن دانهن/فرياد ٻڌڻ وارو ڪونهي.