ملڪ ۾ غير معمولي مينهن جي اڳڪٿي، ٻوڏن ۽ جبل ٽُٽڻ جا خطرا

پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي مون سون موسم دوران غير معمولي مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي هيڊڪوارٽرز ۾ وفاقي وزيرن کي ڏنل بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال مون سون جي موسم ۾ غير معمولي مينهن جو امڪان آهي.

ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته موسمياتي تبديلي سبب اوچتن ٻوڏن (فليش فلڊ)، جبلن جي ٽٽڻ (لينڊ سلائيڊنگ) ۽ شهري ٻوڏن (اربن فلڊنگ) جا خطرا وڌي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي روزاني بنياد تي اجلاس ڪري رهي آهي.

ٻئي پاسي موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ ٻڌايو ته خيبرپختونخوا جي مٿين۽ اترين علائقن ۾ وڌيڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ مينهن جو امڪان آهي ۽ ٻنهي حالتن کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت صوبي حڪومتن سان گڏجي ارلي وارننگ سسٽم کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ وقتائتي خبرداري ۽ اثرائتي آگاهي سبب جاني ۽ مالي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ممڪن ٿي آهي.

ان کانسواءِ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته تباهه ڪندڙ ٻوڏن سبب معيشت تي سنگين اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مؤثر آگاهي ۽ اڳواٽ تياري انتهائي ضروري آهي.

You might also like