اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير احد چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، احسن اقبال ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن، توانائي شعبي ۾ سڌارن ۽ پاليسي تي عملدرآمد جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023 ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي پڻ منظوري ڏني وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن وقت جي اهم ضرورت آهي، جيڪا پاڪستان جي توانائي جي تحفظ واري گڏيل نظام جو اهم ٿنڀو آهي. هن چيو ته جديد گهرجن سان هم آهنگ ريفائنريون ملڪ جي توانائي ضرورتن کي وڌيڪ بهتر نموني پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل ڌرين سان ويجهو رابطو رکي سڌارن واري عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته اوگرا جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري سڌارا آندا وڃن، جيئن توانائي شعبي ۾ مقابلي، شفافيت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته نئين پاليسي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ان تي هاڪاري ۽ بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير هرگز برداشت نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم قطر، سعودي عرب ۽ ٻين نار واري ملڪن ۾ روڊ شوز ڪوٺائڻ جي پڻ هدايت ڪندي چيو ته اهي روڊ شوز پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023 جي ترميمي نسخي جي واڌ ويجهه ۽ تشهير لاءِ ڪوٺايا ويندا.
وزيراعظم شهباز شريف ريفائننگ پاليسي ۾ ترميم بابت وفاقي وزير پيٽروليم ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اسٽرٽيجڪ ذخيرا وڌائڻ جي به هدايت جاري ڪئي.