بدعنواني، جبر ۽ بيروزگاري باوجود پاڪستان جا نوجوان تحريڪ ڇو نٿا هلائن

اسلام آباد/ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڀارت ۾ ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ (سي جي پي) جي احتجاجي تحريڪ پاڪستان ۾ به بحث جو موضوع بڻيل آهي. سوشل ميڊيا تي طنزيه تبصرن ۽ مزاحيه ميمز سان گڏ هڪ سنجيده سوال پڻ اٿاريو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ اهڙي وڏي عوامي تحريڪ ڇو نظر نٿي اچي، جڏهن ته سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال ۽ هاڻي ڀارت ۾ نوجوانن جون تحريڪون حڪومتي پاليسين تي اثرانداز ٿي رهيون آهن.آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ اٽلانٽڪ ڪائونسل سان لاڳاپيل ۽ ڏکڻ ايشيا جي معاملن جي ماهر مائيڪل ڪوگلمين سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي اهو سوال اٿاريو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ وڏي پيماني تي تبديليءَ جي تحريڪ ڇو سامهون نٿي اچي، جيئن تازو سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال ۽ هاڻي ڀارت ۾ ڏسڻ ۾ آئي آهي؟“هن اهو سوال ڀارت ۾ ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي بينر هيٺ هلندڙ نوجوانن جي احتجاجي تحريڪ جي پسمنظر ۾ اٿاريو. سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن اهو سوال اٿاريو ته جيڪڏهن سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال ۽ ڀارت ۾ نوجوانن جون تحريڪون حڪومتي پاليسين تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون، ۽ حڪومتون به تبديل ڪرائي سگهن ٿيون، ته پوءِ پاڪستان ۾ اهڙي وسيع عوامي تحريڪ ڇو وجود ۾ نٿي اچي؟مائيڪل ڪوگلمين پنهنجي تبصري ۾ لکيو ته بدعنواني، جبر، بيروزگاري ۽ بيگانگي جهڙا عنصر، جن انهن ملڪن ۾ تحريڪن کي جنم ڏنو، اهي پاڪستان ۾ به وڏي حد تائين موجود آهن،هن پنهنجي سوال جا ڪجهه ممڪن جواب به پيش ڪيا.سندس خيال موجب پاڪستان ۾ نوجوانن جي وڏي عوامي تحريڪ نه اڀرڻ جا اهم سبب هي آهن موجوده سياسي ماحول.مختلف سماجي ۽ سياسي تحريڪن ۾ اتحاد جي کوٽ.سماجي ورهاست.1980ع واري ڏهاڪي کان شاگرد يونينن تي پابندي.ڪجهه ماڻهن نوجوانن جي وڏي تحريڪ نه هجڻ کي سياسي ۽ رياستي ماحول سان جوڙيو، جڏهن ته ٻين ان کي سماجي روين ۽ قومي سڃاڻپ سان لاڳاپيل قرار ڏنو.عمر قريشي نالي صارف لکيو ته پاڪستان کي نئين نوجوان تحريڪ جي ضرورت ئي ناهي.سندس چوڻ هو ته ملڪ صحيح رخ ۾ هلي رهيو آهي، قرضن جي ادائيگي ۽ معاشي خودمختياري ڏانهن وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري هن وقت ڏکين فيصلن جي ضرورت آهي.ڀارتي نيوز چينل اين ڊي ٽي وي جي ايڊيٽر ادتيه راج ڪول راءِ ڏني ته پاڪستان ۾ نوجوان ۽ سول سوسائٽي سرگرم ته آهن، پر جيڪڏهن هو ڪنهن خاص حد کان اڳتي وڌن ته کين سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.محمد علي نالي هڪ صارف لکيو ته پاڪستان ۾ گڏيل قومي سڃاڻپ نسبتاً ڪمزور آهي.سندس خيال موجب گهڻا پاڪستاني گڏيل جدوجهد بدران ذاتي ڪاميابيءَ کي ترجيح ڏين ٿا، جنهن سبب وڏي عوامي تحريڪ لاءِ گهربل گڏيل شعور پيدا نٿو ٿئي.سرور باري نالي صارف ان راءِ سان اختلاف ڪندي چيو ته پاڪستاني نوجوان غيرفعال ناهن.سندس چوڻ هو ته:9مئي 2023ع،8فيبروري 2024ع،۽ 26 نومبر 2024عجي واقعن دوران نوجوان وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪتا ۽ علائقي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رياستي دٻاءُ برداشت ڪيو.شاهد محمود جو خيال هو ته ان جا سبب پاڪستاني سماج جي بناوٽ، سياسي نظام ۽ قابلِ اعتماد قيادت جي کوٽ ۾ ڳولڻ گهرجن.هن چيو ته شايد پاڪستان جا ڪيترائي نوجوان هاڻي اهو سمجهڻ لڳا آهن ته ملڪ جي حالتن ۾ بهتري آڻڻ ممڪن ئي ناهي رهي.صحافي ۽ تجزيه نگار رئوف ڪلاسرا چيو ته:ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ 2002ع کان پوءِ لڳ ڀڳ هر اڍائي سالن ۾ وزيراعظم تبديل ٿيندو رهيو آهي، تنهن ڪري احتجاج ذريعي حڪومت بدلائڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي آهي.“سوشل ميڊيا تي مزاحيه وڊيوز ٺاهيندڙ عون علي کوسا پنهنجي وڊيو ۾ چيو:مان ڀارت جون ريلز ڏسي رهيو هئس ۽ حيران هئس ته اتي شاگرد پنهنجن حقن لاءِ ڪيئن بيٺا آهن.“پوءِ هن چيو:منهنجو خيال آهي ته وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ به…“وڊيو ڏسندڙن کي شروعات ۾ لڳي ٿو ته هو چوندو: پنهنجن حقن لاءِ بيهڻ جو وقت اچي ويو آهي.“پر اوچتو گهنٽي وڄي ٿي ۽ پوءِ هو پنهنجو جملو هن ريت مڪمل ڪري ٿو:منهنجو خيال آهي ته وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ به… اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هتي سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي. آرام سان گهر ۾ ويهو.“مديحه محمد لکيو ته ڀارت ۾ 22 لک نوجوانن جو امتحان چوري ٿيو ته اهي بيٺا ٿي ويا، پاڪستان ۾ 25 ڪروڙ ووٽ چوري ٿي ويا پر پوءِ به ستا پيا آهن،صحافي مرتضيٰ علي شاهه لکيو ته "ڪاڪروچ جنتا پارٽي ۽ اسٽوڊنٽس فيڊريشن آف انڊيا جا حامي لنڊن جي ٽرافالگر اسڪوائر تي نوجوانن جي اڳواڻي واري ان احتجاج سان همدرديءَ لاءِ گڏ ٿيا،هندستاني شاگردن جي هن ڪاميابيءَ هاڻي هڪ  سوال اٿريو آهي ته پاڪستان جي جين زي (Gen Z) ۽ شاگرد ڪٿي آهن.

You might also like