آمريڪا طرفان ايران تي حملن ۾ وقفي جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ ايران پڻ پنهنجي جوابي حملن کي روڪي ڇڏيو آهي. ان وچ ۾ اهڙيون خبرون به سامهون آيون آهن ته ايران ۽ عمان جي وچ ۾ آبنائي هرمز کولڻ بابت ڳالهيون مثبت رخ ۾ اڳتي وڌيون آهن. جنگ جي انتهائي سنگين صورتحال، ڌمڪين، نعريبازي ۽ هڪ ٻئي کي مڪمل تباهه ڪرڻ جي دعوائن جي وچ ۾ هي تبديلي خوش آئند ۽ همٿ افزا آهي. هن موقعي تي ان ڳالهه ۾ پوڻ بدران ته ڪنهن شڪست قبول ڪئي يا ڪنهن جي ساک متاثر ٿي، ان ڳالهه تي اطمينان ڪرڻ گهرجي ته ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ بدران امن کي موقعو ڏيڻ چاهين ٿيون. آمريڪا ۽ ايران ٻنهي تي هاڻي اهو واضح ٿي رهيو آهي ته جنهن تڪرار ۾ هو ڦاٿل آهن، ان مان نڪرڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتي حل کان سواءِ ٻيو ڪو رستو موجود ناهي. خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته ٻئي ملڪ وڌيڪ تباهي کان اڳ ئي امن ڏانهن وڌي رهيا آهن. هن ۾ ڪنهن جي فتح يا شڪست ناهي، بلڪه آمريڪا، ايران ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي ڪاميابي جنگ جي خاتمي ۽ ان جا سبب بڻجندڙ تڪرارن جي حل سان لاڳاپيل آهي.
آمريڪا پاڻ کي دنيا جي سپر پاور سمجهي ٿو. معيشت جي ماپ، هٿيارن جي ذخيرن ۽ عالمي اثر رسوخ سبب دنيا جا ڪيترائي ملڪ به ان حيثيت کي تسليم ڪن ٿا. جنگ دوران ايراني اڳواڻن آمريڪي حملن جو مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو هر ملڪ ۽ حڪومت جي فطري ذميواري به هوندي آهي. آمريڪا، اسرائيل جي ترغيب ۽ غلط اندازن جي بنياد تي ايران تي حملو ڪيو، جنهن جو جواب ڏيڻ ايران لاءِ به فطري هو. انهيءَ ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آمريڪي حملن جي مذمت ڪئي ۽ جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پر جنگ جي ٻئي مرحلي ۾ ايران اندروني اختلافن تي ضابطو آڻڻ ۽ انتقام جي نعري کي عملي جامو پارائڻ لاءِ، اڳ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت جي باوجود، آبنائي هرمز ۾ جهازن تي حملا ڪري جنگ کي نئون رخ ڏنو. ان کان پوءِ، جيتوڻيڪ آمريڪا ٻن هفتن تائين ايران تي شديد بمباري ڪئي، ايران پنهنجي بچيل ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي عرب ملڪن تي حملا ڪري علائقي ۾ دهشت ۽ عالمي معيشت لاءِ نوان خطرا پيدا ڪيا. ان سان گڏ ڪجهه ايراني اڳواڻن اعلان ڪيو ته "دشمن جي گوڏا کوڙڻ تائين ايران جنگ بند نه ڪندو.” ڪجهه شدت پسند اڳواڻ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو کي قتل ڪرڻ جون کليل ڌمڪيون ڏيندا رهيا ۽ چيو ويو ته ميناب اسڪول جي شاگردن جي شهادت جو بدلو وٺڻ کان سواءِ جنگ ختم نه ٿيندي.
پر هاڻي ڏسي سگهجي ٿو ته اهڙن بيانن جو زميني حقيقتن يا ايران جي فوجي صلاحيت سان گهڻو واسطو نه هو. حقيقت اها آهي ته ايران به جنگ کان اڳ آمريڪا کي سپر پاور سمجهندو هو، تنهن ڪري هو ٽرمپ جي حڪومت سان جوهري معاهدي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو هو. جيڪڏهن آمريڪي طاقت کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو وڃي ها ته پوءِ آمريڪي وفد سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ جوهري پروگرام بابت آمريڪي شرطن کي قبول ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. ان جو بنيادي سبب آمريڪي طاقت جو خوف ۽ تڪرار کان بچڻ جي خواهش هئي، جيڪا هر وچولي درجي جي ملڪ جي فطري ضرورت هوندي آهي. ايران به ان ئي رستي تي هلي رهيو هو، پر آمريڪا پنهنجي طاقت جي غرور ۾ حالتون خراب ڪيون.
ٻئي طرف، ايران اسلامي انقلاب کان پوءِ آمريڪي سفارتخاني تي قبضو ڪري سفارتڪارن کي يرغمال بڻائي آمريڪا سان دشمني جي شروعات ڪئي. عرب ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي، جنهن لاءِ حزب الله ۽ حوثين جهڙن گروهن جي سرپرستي ڪئي وئي ۽ شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت جي حمايت ڪئي وئي ته جيئن عرب ملڪن کي دٻاءُ هيٺ رکيو وڃي. ايران ڪنهن حد تائين هن حڪمت عملي ۾ ڪامياب رهيو، پر 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي حملي کان پوءِ حالتون سندس ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويون. اسرائيل حماس ۽ حزب الله کي سخت نقصان پهچايو ۽ شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت جو خاتمو آيو. انهن حالتن ۾ عرب ملڪن سفارتي حڪمت عملي اختيار ڪندي ايران سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۽ وچ اوڀر ۾ وڏي ٽڪراءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي ملڪ تيل جي دولت سبب معاشي ترقي ۽ امن جا خواهشمند رهيا آهن، پر ايران مسلسل ان کي عربن جي ڪمزوري سمجهندو رهيو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اها غلطي درست ڪئي وڃي.
ايران جنهن جنگ کي پنهنجي وجود ۽ قومي وقار جي جنگ قرار ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن اها وڌيڪ وڌي ته ان سان اسرائيل جو اهو مقصد پورو ٿيندو ته مسلمان ملڪ پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور ٿين ۽ هو وڌيڪ طاقتور بڻجي. انهيءَ ڪري جنگ جي ٻئي مرحلي ۾ اسرائيل سڌي ريت شامل ٿيڻ بدران عرب ملڪن ڏانهن اميد سان ڏسندو رهيو ته هو ايران خلاف ميدان ۾ اچن. جيڪڏهن سعودي عرب هن تڪرار ۾ شامل ٿئي ها ته دفاعي معاهدن سبب پاڪستان تي به ان جا اثر پون ها. پر لڳي ٿو ته ايران جي قيادت ڪنهن نه ڪنهن سطح تي اهو سمجهي ورتو آهي ته اهڙي جنگ ۾ ڪو به مسلمان ملڪ فاتح نه ٿيندو، پر سڀ نقصان کڻندا. انهيءَ سوچ جي نتيجي ۾ ايران طرفان حوثين ۽ سعودي عرب وچ ۾ جنگ بندي جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ پوءِ صدر ٽرمپ حملن ۾ وقفي جو اعلان ڪيو، جنهن کي تهران به مثبت انداز ۾ قبول ڪيو.ڍهي مثبت رويو اڃا به اها اميد برقرار رکي ٿو ته ايران اندر اهڙا حلقا موجود آهن جيڪي جنگ جي تباهڪاري ۽ امن جي اهميت کان چڱيءَ ريت واقف آهن.
آمريڪا پنهنجي وڏي فوجي طاقت جي باوجود ايران کي مڪمل شڪست ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، ڇاڪاڻتہ ان لاءِ زميني جنگ ضروري هوندي، جنهن جي مالي ۽ سياسي قيمت ڪنهن به آمريڪي حڪومت لاءِ تمام ڳري آهي. ساڳئي وقت ايران يا ڪو ٻيو ملڪ به اها غلط فهمي نٿو رکي سگهي ته هو مسلسل آمريڪا تي دٻاءُ وجهي پنهنجا سڀ مطالبا مڃرائي سگهندو. انهيءَ ڪري موجوده جنگي وقفو تهران طرفان هڪ مثبت سفارتي اشارو سمجهيو وڃي ٿو. وچ ۾ ثالثي ڪندڙ ملڪ مسلسل سرگرم آهن. تهران جي قيادت کي پاڪستان، قطر ۽ عمان جي اڳواڻن جي سفارتي ڪوششن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي ۽ هن قيمتي موقعي کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي. ايران سميت سڄي علائقي ۽ دنيا لاءِ هن جنگ جو خاتمو فائديمند ۽ انتهائي ضروري آهي.