پاسپورٽ ٺهرائڻ وارن لاءِ خوشخبري، نادرا وڏي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏيندڙ شهرين کي وڏي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي.
هاڻي شهري ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي به پنهنجي سڃاڻپ جي تصديق ڪرائي سگهندا.
نادرا موجب، شهرين کي جيڪڏهن فزيڪل سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه هجي ته هو پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ۾ موجود ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي پنهنجي سڃاڻپ جي تصديق ڪرائي سگهندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان توڙي پرڏيهه ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽس جي آفيسن ۾ پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏيندڙ شهري هن سهولت مان فائدو وٺي سگهندا.
ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جو طريقو:
پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ۾ لاگ اِن ڪريو.
هوم پيج تي موجود ”View Digital ID“ آپشن چونڊيو.
پوءِ ”Digital Card“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، جنهن کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ اسڪرين تي ظاهر ٿي ويندو.
نادرا موجب، هن قدم جو مقصد شهرين کي سڃاڻپ جي تصديق لاءِ سولي، محفوظ ۽ جديد ڊجيٽل سهولت فراهم ڪرڻ آهي، جنهن سان سرڪاري خدمتن تائين رسائي وڌيڪ بهتر بڻبي.

You might also like