ارشديپ سنگهه سمرين ڪور کي ”ماءِ پرسن“ چئي رومانوي لاڳاپن تصديق ڪري ڇڏي، تصويرون وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر ارشديپ سنگهه پنجابي ماڊل ۽ اداڪارا سمرين ڪور سان پنهنجي رومانوي لاڳاپن بابت هلندڙ افواهن جو خاتمو ڪندي پهريون ڀيرو ان رشتي کي عوامي طور قبول ڪري ورتو آهي.
ارشديپ سنگهه سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي سمرين ڪور سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون ۽ ڪيپشن ۾ مختصر طور ”My Person“ لکيو.
تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن ٻنهي کي مبارڪباد ڏيندي سندن گڏيل زندگي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته ٻنهي جي رشتي جون خبرون هلندڙ سال تڏهن سامهون آيون هيون، جڏهن ارشديپ سنگهه سنيپ چيٽ تي هڪ اهڙي تصوير شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هڪ عورت جو چهرو واضح نظر نه پئي آيو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن تصوير ۾ نظر ايندڙ ٽيٽو ۽ نيل آرٽ کي سمرين ڪور سان جوڙي ٻنهي جي رشتي بابت اڳڪٿيون شروع ڪيون، جيڪي بعد ۾ تيزي سان پکڙجي ويون.

You might also like