اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي 9 ڪوٽلي ۾ پارٽي ڪارڪن مختيار يونس جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي الزام لڳايو آهي ته فائرنگ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جي طرفان کان ڪئي وئي.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته اطلاع آهي ته ن ليگ جي اميدوار سردار عمير نعيم فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو ڪارڪن شهيد ٿيو.
هن سوال ڪيو ته لاڳاپيل ادارا ۽ اليڪشن ڪميشن ڪٿي آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن؟
هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ به سردار عمير نعيم ۽ سندس ساٿين جي کليل فائرنگ واري وڊيو سامهون آئي هئي، جيڪڏهن ان وقت ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته اڄ هڪ انساني جان ضايع نه ٿئي ها.
سندس چوڻ هو ته شڪست جي ڊپ سبب پيپلز پارٽي جا مخالف غير مناسب طريقا اختيار ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ جي ڪارڪنن جي فائرنگ سبب پيپلز پارٽي جو هڪ ڪارڪن شهيد ٿيو.
هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته آزاد ڪشمير ۾ فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ان هڪ واقعي کانسواءِ پولنگ مجموعي طور پرامن رهي ۽ چونڊن لاءِ انتظام سٺا ڪيا ويا.
آزاد ڪشمير چونڊون: ن ليگ اميدوار جي فائرنگ ۾ پ پ جو ڪارڪن شهيد ٿيو، بلاول جو الزام
You might also like