ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس جي موقعي تي سنڌ حڪومت 29 جولاءِ، اربع تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت ان حوالي سان باظابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 29 جولاءِ تي صوبي ۾ سموريون سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا بند رهندا.
شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جون مرڪزي تقريبون ڀٽ شاهه ۾ وڏي پيماني تي ڪوٺايون وينديون.
ان کانسواءِ عرس جي تقريبن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان هزارين عقيدتمند ۽ زائرين جي شرڪت ڪندا.
You might also like