يوڪرين جو ايراني جهاز تي حملو خطرناڪ قدم آهي، جواب ضرور ڏنو ويندو: بقائي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران آمريڪا کي جنگ ۽ امن جي وقت يا ان جي مدت جو تعين ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

پريس بريفنگ دوران اسماعيل بقائي چيو ته ايران پنهنجي قومي مفادن موجب ملڪ جو دفاع جاري رکندو ۽ قومي مفادن جي تقاضائن مطابق سفارتي رستو پڻ اختيار ڪندو.

هن چيو ته يوڪرين طرفان ايراني جهاز کي نشانو بڻائڻ هڪ خطرناڪ قدم هو، جنهن جو ضرور جواب ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته يوڪرين جي ان قدم جا اثر دنيا جي مختلف علائقن تائين پکڙجي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته روس-يوڪرين جنگ جي شروعات کان ئي ايران جو ان ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو، جڏهن ته بحيره ڪيسپين سان لاڳاپيل ملڪن کي اهڙن قدمن تي ڳڻتي آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪجهه خليجي ملڪ ايران خلاف آمريڪا جي جنگ ۾ شامل رهيا آهن، ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جنگ ۾ علائقائي ملڪن جي شرڪت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته علائقائي ملڪ ايران خلاف آمريڪا سان پنهنجو تعاون جاري نه رکندا.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڻ مشڪلاتن ۾ ڦاسي ويو آهي، ۽ اها صورتحال به آمريڪا پاڻ پيدا ڪئي آهي. هنن پاڻ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ هاڻي پاڻ ئي ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا جو خيال هو ته ايران ٽن ڏينهن اندر هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو، پر هاڻي ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود آمريڪا پاڻ هن صورتحال ۾ ڦاٿل آهي.

اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا کي پنهنجي ڏوهن تي فخر آهي. ايران آمريڪا سان ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪا به درخواست نه ڪئي آهي، ڇو ته اهڙو قدم کڻڻ اسان جي فطرت ۾ شامل ناهي. هن چيو ته ايران تي دٻاءُ وجهڻ جو سبب رڳو اهو هو ته ايران پنهنجي جائز حق جو استعمال ڪيو، ۽ ان معاملي جو فيصلو دنيا تي ڇڏي ڏيون ٿا.

هن چيو ته ثالث ايران تائين آمريڪا جا پيغام پهچائيندا رهن ٿا، پر في الحال واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڪا به سڌي ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به عالمي سطح تي توانائي جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي آهي، تڏهن آمريڪا ٻيهر ڳالهين جي ميز تي موٽي ايندو آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته آبنائي هرمز جي انتظام بابت ايران ۽ سلطنتِ عمان جي وچ ۾ ڳالهيون مثبت رهيون آهن، پر آبناءِ هرمز جي صورتحال ۾ اڃا تائين ڪا به تبديلي نه آئي آهي ۽ اها اڃا تائين بند آهي.

اسماعيل بقائي موجب سلطنتِ عمان سان جاري ڳالهين جو مقصد آبناءِ هرمز ۾ محفوظ جهازراني لاءِ هڪ مناسب طريقه ڪار تيار ڪرڻ آهي، ۽ انهن ڳالهين جو آمريڪا سان ڪو به تعلق ناهي.

You might also like