تهران(ويب ڊيسڪ)ايران پنهنجي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي الزام تي تهران ۾ مقرر فرانس جي سفير کي گذريل ڏينهن طلب ڪيو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته فرانس جي سفير کي تهران ۾ مقرر ٻن فرانسيسي سفارتڪارن جي سرگرمين بابت وضاحت لاءِ طلب ڪيو ويو.
اسماعيل بقائي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته فرانس جي حڪومت گمراهه ڪندڙ عنوانن جي آڙ ۾ ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ اهڙيون سرگرميون بند ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته اهي ٻئي فرانسيسي سفارتڪار سول سوسائٽي سان رابطن جي بهاني ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيا هئا، جڏهن ته انهن جون اهڙيون سرگرميون سفارتي لاڳاپن بابت ويانا ڪنوينشن تحت ڪنهن به صورت ۾ جائز نه هيون.
واضح رهي ته 20 جولاءِ تي ايران جي سيڪيورٽي فورسن ٻن فرانسيسي سفارتڪارن کي حراست ۾ وٺي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن کان پوءِ کين فرانسيسي سفارتخاني واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
حراست ۾ ورتل سفارتڪارن مان هڪ الزام لڳايو ته حراست دوران ساڻس جسماني بدسلوڪي پڻ ڪئي وئي.
فرانس جي پرڏيهي وزير زان نوئل بارو هن واقعي کي ڌمڪي ڀريي رويي جو انتهائي سنگين قدم قرار ڏنو.