جنتر منتر احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ شبانه اعظمي بيمار، ڊاڪٽرن اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا شبانه اعظمي جي سوائن فلو (H1N1) ٽيسٽ مثبت آئي آهي، جنهن کانپوءِ هن ڊاڪٽرن جي هدايت تي پاڻ کي 5 ڏينهن لاءِ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شبانه اعظمي تيز بخار ۾ مبتلا آهي، جنهن سبب ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام ۽ آئسوليشن اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
رپورٽن موجب، شبانه اعظمي ڀارت ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي پاران پيپر ليڪ معاملي تي هلندڙ احتجاج ۾ لڳاتار ٽن ڏينهن تائين شرڪت ڪئي هئي.
طبيعت خراب ٿيڻ سبب هوءَ احتجاج جي آخري ڏينهن ۾ شرڪت نه ڪري سگهي.

You might also like