واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ دوران آمريڪي هٿيارن ۽ بارودي ذخيري ۾ کوٽ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته آمريڪا وٽ دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ هٿيار موجود آهن، بلڪه ضرورت کان به وڌيڪ آهن.
ان کان اڳ وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ڏني هئي ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين وائيٽ هائوس کي فضائي دفاع ۾ استعمال ٿيندڙ انٽرسيپٽر ميزائلن جي ذخيري ۾ گهٽتائي بابت آگاهه ڪيو هو.