اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڀارتي هم منصب راجناٿ سنگهه جي تڪراري ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي بچاءَ واري جي غير ذميواراڻن بيانن کي مڪمل طور رد ڪري ٿو.
خواجا آصف پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته اهڙا بيان سياسي بيان بازي ۽ دٻاءُ ذريعي عالمي طور تسليم ٿيل قانوني حقيقتن کي ميسارڻ جي مسلسل ڪوشش آهن، جيڪي نه والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي علائقائي امن، استحڪام يا بامقصد ڳالهين ۾ ڪو هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا.
هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي، جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي آزاداڻي خواهشن موجب ٿيڻ اڃا باقي آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جون ڀارت جون بار بار ڪوششون ان جي پنهنجي رياستي سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگردي ۽ ڏوهاري سرگرمين جي رڪارڊ سبب مڪمل طور بي بنياد آهن.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست ۽ علائقائي عدم استحڪام جو ذميوار آهي.
خواجا آصف چيو ته ڀارت جي اهڙي غير ذميواراڻي بيان بازي علائقي ۾ رياستن وچ ۾ تڪرار جو خطرو وڌائي رهي آهي.
پاڪستان امن ۽ ڳالهين لاءِ پرعزم آهي، پر پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي دفاع بابت ان جو عزم اٽل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي بچاءَ واري دفاع جي اهڙي بيان بازي دراصل ڀارت جي اندروني بحران، وڌندڙ بيچيني ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي آمراڻي ۽ ورهائڻ واري طرز حڪمراني خلاف عوامي ردعمل تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.
مودي جي آمراڻي حڪومت ڀارتي عوام جي ڪاوڙ لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام مڙهي رهي آهي: خواجا آصف
You might also like