تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني سرڪاري نشرياتي اداري موجب، آبناءِ هرمز جي ڏاکڻي حصي ۾ ڇهن جهازن پنهنجا نيويگيشن ۽ پوزيشننگ سسٽم بند ڪري هڪ غير قانوني ۽ غير محفوظ رستي سان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي روڪيو ويو.
رپورٽ موجب، انهن مان هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿيو، جڏهن ته ٻين جهازن کي واپس خليج ڏانهن موٽڻ تي مجبور ڪيو ويو.
اداري دعويٰ ڪئي ته هي صورتحال آمريڪي فوج جي ڀڙڪائڻ سبب پيدا ٿي.