گرفتاري وارنٽ باوجود نيتن ياهو آمريڪا روانو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو عالمي گرفتاري وارنٽ باوجود آمريڪا جي دوري لاءِ روانو ٿي ويو، جتي هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو.

اسرائيل جي سرڪاري عربي ٻولي واري ايڪس اڪائونٽ موجب، هي دورو ٽرمپ جي دعوت تي ٿي رهيو آهي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن سان لاڳاپيل اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن نيتن ياهو خلاف عالمي فوجداري عدالت جو گرفتاري وارنٽ موجود آهي. عدالت نومبر 2024ع ۾ غزا جنگ دوران مبينا انسانيت خلاف ڏوهن جي الزام هيٺ نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يوآو گيلنٽ خلاف وارنٽ جاري ڪيو هو.

You might also like