تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن ذريعي آمريڪا جا پيغام ايران تائين پهچن ٿا، پر في الحال واشنگٽن سان سڌيون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته ايران آمريڪا کي جنگ جي پڄاڻي جو فيصلو ڪرڻ نه ڏيندو. آمريڪا سان ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪا درخواست نه ڪئي وئي آهي، ڇو ته اهو اسان جي پاليسي مطابق ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته آبناءِ هرمز جي انتظام بابت ايران ۽ عمان وچ ۾ ڳالهيون مثبت رهيون آهن، جڏهن ته آبناءِ هرمز جي صورتحال ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي ۽ اها اڃا تائين بند آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه خليجي ملڪ ايران خلاف آمريڪي جنگ ۾ شامل رهيا آهن. ايران پنهنجي قومي مفادن موجب پنهنجي دفاع سان گڏ سفارتي رستو به اختيار ڪندو.
هن اهو به چيو ته يوڪرين پاران ايراني جهاز کي نشانو بڻائڻ خطرناڪ قدم هو، جنهن جو مناسب جواب ڏنو ويندو.