”پنهنجي حقن لاءِ ٻاهر نڪرو ۽ تيرَ تي ٺپو هڻو“ بلاول ڪشميرين کي پيغام

آزاد ڪشمير جي ووٽرن کي تير تي ٺپو هڻڻ جي اپيل، بلاول ڀٽو زرداري جو چونڊ مهم ۾ پيغام
ميرپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي عام چونڊن جي موقعي تي ووٽرن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ”جيڪڏهن پنهنجا حق گهرجن ته ٻاهر نڪرو، ووٽ ڏيو ۽ تير تي ٺپو هڻو.“
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي چونڊ مهم واري پيغام ۾ ووٽرن تي زور ڏنو ته هو وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪن.
هن پنهنجي پيغام جي آخر ۾ #MirpurMainTeerChaleyGa جو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو.

You might also like