اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته هٿرادو ڏاهپ دنيا ۾ غير معمولي تبديليون آڻڻ واري آهي. اسان نوجوانن کي جديد تعليم، ليپ ٽاپ ۽ مهارتون فراهم ڪنداسين.
اسلاميه ڊگري ڪاليج نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوانن کي ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مستقبل جي معيشت جو رخ طئي ڪنديون. سائنس ۽ تحقيق ۾ سيڙپڪاري مستقبل کي محفوظ بڻائيندي.
احسن اقبال جو چوڻ هو ته اهي قومون ئي عالمي مقابلي ۾ ڪامياب ٿينديون، جيڪي ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هونديون.