ڪراچي ۾ ٽرڪ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي جمالي پل ڀرسان هڪ ٽرڪ موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب، حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو. ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرڪ جي رفتار تمام تيز هئي.

فوت ٿيلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

You might also like