تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي اڳوڻي پارليامينٽ اسپيڪر ۽ ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي سهري غلام علي حداد عادل جو چوڻ آهي ته هن وقت مجتبيٰ خامنه اي ڪنهن به شخص يا اداري سان رابطي ۾ ناهن.
ايراني خابرو اداري اداري آءِ ايل اين اي موجب، غلام علي حداد عادل دعويٰ ڪئي آهي ته في الحال ڪجهه سببن جي ڪري ايراني سپريم ليڊر ڪنهن به فرد يا اداري سان رابطو نٿو رکي، پر الله جي فضل سان هو خيريت سان آهي.
هن اهو بيان تازو ان سوال جي جواب ۾ ڏنو، جيڪو اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي جنازي نماز ۾ مجتبيٰ خامنه اي جي عدم شرڪت بابت پڇيو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته مجتبيٰ خامنه اي هڪ ديني طالب علم هئا ۽ سندن آمدني جو واحد ذريعو اهو عام وظيفو هو، جيڪو ديني مدرسن جي شاگردن کي ڏنو ويندو آهي.