شوشو ڇڏيندڙ ڏي ڌيان ناهي، سنڌ ڪڏهن به نٿي ورهائجي سگهي: ناصر شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ورهاست ڪڏهن به نه ٿيندي، ڪجهه ماڻهو رڳو ڳالهيون ڇڏي ڏيندا آهن، اسان انهن کي سنجيدگي سان نٿا وٺون.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون. ڪراچي ۾ ڪم ڪرائي ٿي ته رڳو پيپلز پارٽي ڪرائي ٿي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم سدائين وفاق جو حصو رهي آهي.

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير چيو ته ڪراچي کي اسان ئي ٺاهينداسين. اسان جا دوست نئين صوبي جو شوشو ڇڏيندا رهن ٿا، سنڌ ڪڏهن به ورهائجي نٿي سگهي. چيو ويندو آهي ته ڪراچي تباهه ٿي ويو آهي، پر ڪراچي ۾ ڪيترائي انڊر پاس ۽ پل اسان ٺاهيا آهن.

هن چيو ته کاتن ۾ بهتري آئي آهي ۽ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي. ڪراچي جي ميدانن ۾ شادي هال ٺاهيا ويا هئا، جن کي اسان جي ميئر هٽرايو. چيو ويندو آهي ته ڪراچي بدترين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪڏهن ائين هجي ها ته ماڻهو هتي رهڻ لاءِ نه اچن ها.

ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ نالن جي صفائي جو ڪم جاري آهي. جتان جتان شڪايتون ملن ٿيون، انهن تي ڪم ڪيو وڃي ٿو.

هن چيو ته برساتن کي نظر ۾ رکندي هنگامي حالت لاڳو آهي. ڪي ايم سي ۽ ٽائون انتظاميا ميدان ۾ موجود رهندي، جڏهن ته سموري عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.

You might also like