غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 6 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فلسطين جي صحت واري وزارت موجب، آڪٽوبر 2025ع ۾ جنگبندي کان پوءِ هن وقت تائين 1100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ لڳ ڀڳ 4000 زخمي ٿي چڪا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته مختلف هنڌن تان 800 کان وڌيڪ لاش هٿ ڪيا ويا آهن.
ان کان علاوه، اولهندي ڪناري مان 66 فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.