ايران جنگ ۽ جنگ بندي دوران 18 ارب ڊالرن کان مٿي تيل وڪڻيو: تيل وارو وزير

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي تيل واري وزير محسن پاڪ نزاد چيو آهي ته ايران جنگ دوران 11 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ۽ جنگبندي واري عرصي ۾ 6 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ماليت جو تيل وڪرو ڪيو.

هن ٻڌايو ته جنگبندي کان پوءِ خطرا گهٽجڻ سبب ايران جي تيل جي برآمدن ۾ نمايان واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ بيرل ذخيرو ڪيل خام تيل ۽ گئس جي ذخيرن جو هڪ حصو وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

محسن پاڪ نزاد موجب، تازي وڪري مان حاصل ٿيل آمدني حڪومت جي سالياني بجيٽ ۾ تيل مان متوقع آمدني جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ رهي، جنهن سان ملڪ جي خزاني کي وڏو مالي فائدو پهتو.

You might also like