يمن جي تازي صورتحال ايران سان جوڙڻ درست ناهي: عباس عراقچي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته يمن ۾ جاري تڪرار، باب المندب ۽ خطي جي ٻين مسئلن جو ڪو به فوجي حل موجود ناهي.

ايران جي سرڪاري اخبار ايران ڊيلي کي ڏنل انٽرويو ۾ عباس عراقچي چيو ته يمن جي هاڻوڪي صورتحال کي ايران سان جوڙڻ ڪرڻ درست ناهي.

هن چيو ته باب المندب ۾ پيش ايندڙ واقعن جون پاڙون يمن، سعودي عرب ۽ خطي جي ٻين ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ تڪرارن ۽ مسئلن ۾ موجود آهن.

You might also like