حوثين جي سعودي جي شهر جازان ۾ ميزائيل حملي جي دعويٰ

حوثين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن سعودي عرب جي شهر جازان تي ميزائل حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ باهه ڀڙڪي پئي آهي.

خبر ايجنسي موجب، اها ڪارروائي سعودي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي، ۽ چيو ويو آهي ته سعودي عرب جي مبينا خطرناڪ جارحيت جو جواب ڏنو ويندو.

سعودي ميڊيا جي ڪنهن به چينل يا نيوز پليٽ فارم حوثين جي حملن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ نه ئي ان جي نوعيت بابت ڄاڻ ڏني آهي. جازان صوبي ۾ قومي هنگامي خبرداري واري پليٽ فارم تان امڪاني خطري بابت خبرداري جاري ڪئي وئي آهي.

سعودي سول ڊفينس جو چوڻ آهي ته جازان ۽ ينبع ۾ خطرو ختم ٿي ويو آهي.

You might also like