چيني پرڏيهي وزير جي ايراني هم منصب سان ملاقات، حمايت جو ورجاءُ

چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ڪرغزستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ايران جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.

وانگ يي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، ان کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ ڳالهين جو عمل فوري طور ٻيهر شروع ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته چين پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو ۽ آبناءِ هرمز واري مسئلي جي حل لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ايران جي اهم بنيادي ڍانچي تي حملا ڪيا ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪيو.

هن چيو ته ايران جي ڳالهين واري خواهش برقرار آهي ۽ تهران ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ واڌ نٿو چاهي.

عباس عراقچي زور ڏيندي چيو ته هاڻوڪي نازڪ صورتحال ۾ ايران ۽ چين کي پاڻ ۾ رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي. اميد آهي ته چين ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ صورتحال کي معمول تي آڻڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار جاري رکندو.

You might also like