ڪامريڊ شانتا، زيب النساءَ: نظرياتي محبت جو هڪ لازوال داستان

منظور ڪوهيار

 1973-74۾ مئڪسم گورڪيءَ جي جڳ مشهور ناول” ماءُ“لاڙڪاڻي جي ترقي پسند نوجوانن ۾ ايترو ته مقبول هيو، جو ان جا ڊائلاگ کين برزبان ياد هوندا هيا.  1906ع ۾ ڇپيل  مئڪسم گورڪيءَ جي هن جڳ مشهور ناول ” ماءُ“ کان مان ته ڏاڍو متاثر ٿيو هيس. دلي خواهش هئي ، ته مان به ڪنهن اهڙي ڪردار تي ناول لکان. جيڪو ان اڏول ڪردار جھڙو هجي. پوءِ مون کي  اهڙو ڪردار ڪامريڊ جماالدين بخاريءَ جي گھر ۾ نظر  آيو. جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پاول ولاسوف جي ماءُ کان گھٽ نه هيو. اهو ڪردار هيو، شانتا زيب النساءِ جو. سندس حياتيءَ تي جي سرسري نظر وجھجھي ته اندازو ٿيندو ته هوءَ ڄڻ شاھ سائين جي ان سورمي مثل هئي، جنهن لاءِ چيو اٿس، ته :

سرجيس ته سور، سامائيس ته سک ويا

اهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا

شانتا راجپوتانه جي جھالا واڙ واهڻ جي هڪ پورهيت راجپوت جي گھر ۾ پيدا ٿي. اڃا اڱڻ تي بانبڙا پاتائين، ته پيءَ گذاري ويس. پؤڻن پنجن سالن جي ٿي ته ماءُ چالاڻو ڪري ويس.الله ۽ نانيءَ جي آسري تي  تڳڻ لڳي، ته نانهنس کي به اوڏنهن جو سڏ آيو، جتان ڪو وڃي ناهي موٽيو.  نيٺ احمد آباد( گجرات) ۾ رهندڙ پورهيت ماسي سندس پرورش جو ذمو کنيو.  ستن اٺن سالن جي عمر ۾ ماسيءَ سان گڏ سٽ ڪتڻ ۽ چرخو چورڻ لڳي. شام جو اسڪول به ويندي هئي.ائين ٻارنهن سالن جي عمر ۾ پنج درجا  پاس ڪرڻ سان گڏ پڪي پورهيت  ٿي وئي. پوءِ احمد آباد ۾ ڪپڙي جي هڪ ڪپڙي اڻڻ واري ڪارخاني ۾   محنت ڪش مزورڻ ٿي ڪم  کي لڳي وئي. انهيءَ دوران پورهيت تحريڪن برصغير ۾ ڪَرُ کنيو، ته هوءَ ماسيءَ سان گڏ انهن  تحريڪن سان ازخود سلهاڙجي وئي. جيڪي پورهيتن جي حقن جون حمايت ڪندڙ هيون.

اتفاق چئجي، يا لکئي جو ليک، 1943ع  جي مارچ مهيني ۾ احمد آباد جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي پنهنجي ساليانه جلسي ۾ گھرايو . ان زماني ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ناميارو ليڊر هيو. جنهن گڏيل هندوستان ۾ پروولتاريه انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ جيل جھاڳيا ۽ ڪشٽ ڪاٽيا هيا. اتي ڪامريڊ جماالدين بخاري پنهنجي شعله بيانيءَ جو اهڙو مظاهرو ڪيو، جو  نه صرف احمد آباد جي مزدورن کي پورهيت جدوجھد لاءِ اتساھيائين، بلڪه شانتا کي زيب النساء ڪري  پنهنجو   جيون ۽ نظرياتي ساٿي بڻائي ڇڏيائين.

خبر هوندي به ته ڪامريڊ جمال الدين  جو هڪ پير ريل ۾ ، ته ٻيو جيل ۾ هوندو آهي. پر هن راجپوتڻ   ناريءَ اهڙو نڀايس، جيئن راجپوتي ڪهاوت آهي، ته پراڻ جائي، پر وچن نه جائي…. ڪامريڊ انهِي سال کيس ڪراچي جي بندر روڊ تي لائيٽ هائوس سئنيما نزد پنهنجي دفتر  وٺي آيو، جيڪا سندس رهائش پڻ هئي. جتي ڪامريڊ شانتا زيب النساءِ سڀني ايندڙ ڪامريڊن جي،مئڪسم گورڪيءَ جي ناول” Mother“ ۾ مزدور ليڊر پاول ولاسوف واري ماءُ بڻجي وئي. جنهن جي شاهدي ان دؤر جي ڪامريڊن سندس ڪمٽمينٽ جي حوالي سان باقاعده لکتن ۾  ڏني آهي. ان سلسلي ۾ سپورنج ليکڪ علي احمد بروهيءَ جو لکيل سوانحي خاڪو” شانتي امان“ هڪ وڏو مثال آهي :

”ملباري هوٽل جي سنگل سالن بدلي هاڻ گھر ٻوڙ ماني ملڻ لڳي. بخاري صاحب جو اڳ جمعي جمعي تي ڪپڙا بدلائيندو هيو، هاڻ روزمره اڇا ڌوتل ۽ استري ڪيل جبا پائڻ لڳو. هي پهريون دفعو هيو جو پارٽي آفيس ۾ پورهيت عورتون اچڻ وڃڻ لڳيون. گھرو  پورهيت عورتن جي الڳ ۽ ‘آيا‘ ماين جي جدا يونين ترتيب ڏني ويئي. سندن اڳواڻ شانتي هئي. شانتيءَ جي دستوري محنت مزدوري ۾ ڪا ڪمي ڪو نه آئي. اٽلندو سندس ذميوارين ۾ واڌارو ٿيو. اڳ کيس محنت جو اجورو ته ملندو هيو. هاڻ ته سڄي اٽالي کي ڦوڪٽ ۾ پالڻو پئي پيس.“

اها حقيقت به هئي، ته ڪامريڊ هڪ لاابالي شخص هيو. جنهن لاءِ جيل ياترا ڄڻ ونواھ کائڻ برابر هيو. . 1947ع ۾ جڏهن ڪامريڊ بخاري جيل ويو، ته انهيءَ دؤران ڪامريڊ شانتا ٻار کڻي ڪامريڊ جو ڪيس به وڙهندي هئي. ضمانت لاءِ وس وارن وٽ ڀڄندي به رهي. سندس سرڪار کان اهو مطالبو هوندو هيو، ته : ” مون کي ٻارن سوڌو ڪامريڊ بخاريءَ سان گڏ جيل ۾ وجھو يا حڪومت اسان جو خرچ پورو ڪري!“

اهڙي صورتحال ۾ شانتا زيب النساءِ جي ڪيفيت بالڪل اهڙي ئي هوندي . جيئن شاھ لطيف، پنهنجي هڪ بيت ۾، سسئي جي باري ۾ ڄاڻائي آهي:

هڪ ڌرتتي ماءُ، ٻي ڄر سندي سڄڻين

هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾

 ڪامريڊ شانتا زيب النساءِ  ڪڏهن به همت نه هاري. بلڪه پنهنجي ٻارن جي  اهڙي پالنا ڪئي، جو لڳندو هيو ته ڄڻ ڪنهن ادب گاھ جا تربيت يافته هجن.

مان هڪ دفعي ڪامريڊ کان پڇيو، ” توهان جا ٻار ڏاڍا سنجيده ۽ بردبار لڳندا آهن؟“

کلي چيائين ، ” ماءُ جا پٽ آهن!“

ان حوالي سان ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي، گوبند مالهي، اي ڪي هنگل، قاضي فيض محمد، مسلم شميم ۽ ڊاڪٽر اعزاز نذير جا ليک، شانتا زيب النساء جي حوالي سان گواھ آهن، ته هوءَ سراپا ڄڻ لطيف جي ان بيت مثل هئي، ته :

منڌ نه منجھان تن، پسي لڪ لڏن جي

جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي

ڳالهھ هلي هئي، شانتا زيب النساءِ تي ناول لکڻ جي، ته ان حوالي سان مان  ڪامريڊ جماالدين بخاري کي به ٻڌايو هيو، ۽ ڪافي ڳالهيون پڇي نوٽ به ڪيون هيون. اهو به سوچيو هيم ته امڙ شانتا زيب النساءِ کان انٽرويو ڪندس. پوءِ اڄ سڀاڻي ڪندي وقت واريءَ جي مٺ جيان   نڪري ويو، ۽ اهو آخري انٽرويو نه ٿي سگھيو. شايد اسان وٽ ائين ٿيندو آ، ته : گھرَ جو پير، چلهھ جو مارنگ…سندس وجود وڃائڻ کان پوءِ احساس ٿيندو آهي. پر اميد جو ڪرڻو تڏهن نظر آيو  ، جڏهن ”ڪامريد سيد جمال الدين بخاري، شخصيت ۽ سياسي جدوجھد“ جي عنوان سان سندس فرزند سيد مڪرم سلطان بخاري ڪتاب ترتيب ڏنو. جنهن جي ارپنا ۾ زارا فاطمه جو ذڪر آهي، جيڪا ٻچڙي پنهنجي پڙناني جماالدين بخاري جي ٿيل جدوجهد تي ڪم ڪري رهي آهي. منهنجي کيس گذارش آهي، ته هوءَ  پنهنجي پڙنانيءَ تي سوانحي ناول لکي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن کيس امڙ شانتا جي  جنم ڀومي راجپوتانه جي جھالا واڙ واهڻ. يا پريم ڀومي گجرات جي شهر احمد آباد وڃڻو پئي، ته ضرور  وڃي معلومات وٺي ۽ سندس اڏول ڪردار کي دنيا آڏو آڻي ٻڌائي، ته سندس خاندان جي هڪ عورت جو ڪردار مئڪسم گورڪيءَ جي ناول ۾ ڄاڻايل  پاول ولاسوف جي ماءُ کان ڪنهن صورت ۾ گھٽ نه هيو ، پر اڃا به وڌِ هيو.

You might also like