ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعاتي ۽ ڏکئي ترين دور کي ياد ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ وقت اهڙو به آيو هو، جڏهن هو ڪم تان گهر واپس اچي روئندو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڪم مان مطمئن نه هو.
برطانيا ۾ بي ايف آءِ لنڊن فلم فيسٽيول دوران ڳالهائيندي عامر خان ٻڌايو ته 1988ع ۾ فلم قيامت سي قيامت تڪ جي زبردست ڪاميابي کان پوءِ کيس راتورات شهرت ته ملي وئي، پر هو انهن فلمسازن سان ڪم نه ڪري سگهيو، جن سان هو واقعي ڪم ڪرڻ چاهيندو هو.
هن چيو ته شروعاتي ڪاميابي کان پوءِ سندس ڪيتريون ئي فلمون باڪس آفيس تي ناڪام ٿي ويون، جنهن کان پوءِ کيس ”ون فلم ونڊر“ جو لقب ڏنو ويو.
عامر خان موجب ان دور ۾ بالي ووڊ ۾ اداڪار هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي فلمون سائن ڪندا هئا. انهيءَ روايت تحت هن به 8 کان 10 فلمون سائن ڪيون، جن مان گهڻيون نون هدايتڪارن جون هيون. هن چيو ته انهيءَ تجربي کيس فلمون چونڊڻ بابت هڪ اهم سبق سيکاريو.
عامر خان مطابق هن جلد ئي اهو سکي ورتو ته فلم اصل ۾ هدايتڪار جي اظهار جو ذريعو هوندي آهي. جيستائين اوهان کي هدايتڪار تي مڪمل اعتماد نه هجي ۽ اوهان جي سوچ ان سان هم آهنگ نه هجي، تيستائين اوهان هڪ رخ ۾ هلندا آهيو، پر نتيجو ڪنهن ٻئي رخ ۾ نڪري سگهي ٿو.
هن ٻڌايو ته انهيءَ سبب کان پوءِ هن فلمون سائن ڪرڻ لاءِ ٽي اصول اختيار ڪيا: مضبوط اسڪرپٽ، هدايتڪار تي مڪمل اعتماد ۽ اهڙو پروڊيوسر، جيڪو تخليقي سوچ جي حمايت ڪري.
عامر خان چيو ته لڳاتار ناڪامين کان پوءِ کيس ”ون فلم ونڊر“ چيو وڃڻ لڳو. هو ڪم تان گهر واپس اچي روئندو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڪيل ڪم مان خوش نه هو. هن چيو ته هو فلمن ۾ اچڻ جو مقصد رڳو مشهور ٿيڻ نه رکندو هو، پر هو سٺو ڪم ڪرڻ چاهيندو هو.
انکانپوءِ 1990ع ۾ رليز ٿيل فلم دل عامر خان جي ڪيريئر کي نئين زندگي ڏني. ان کان پوءِ دل هي ڪي مانتا نهين ۽ جو جيتا وهي سڪندر جهڙين ڪامياب فلمن کيس بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪارن ۾ شامل ڪري ڇڏيو.