ڪرشما آڪڙيل هئي، گووندا سان جوڙ ڇو ٽُٽو؟ اداڪارا شگفته علي جا بيان وائرل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا شگفتا علي، ڪرشمه ڪپور سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي تجربي بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪرشمه تمام گهڻي محنتي هئي، پر سندس مزاج ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي آَڪڙ ۽ رويو ايٽيٽييوڊ وارو هوندو هو.

اتر پرديش جي ضلعي بجنور سان تعلق رکندڙ 59 ورهين جي شگفتا علي فلمون هيرو نمبر 1، بنارسي بابو ۽ ليليٰ مجنون ۾ پنهنجي يادگار مزاحيه اداڪاري، جڏهن ته ٽي وي ڊرامن سنجيوڻي، سسرال گيندا ڦول ۽ سسرال سمر ڪا ۾ پنهنجي ڪردارن سبب وڏي شهرت ماڻي.

هن تازو ئي سڌارٿ ڪنن جي يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي ڪرشمه ڪپور سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي ۽ گووندا ۽ ڪرشمه ڪپور جي مشهور فلمي جوڙي جي الڳ ٿيڻ بابت خيالن جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪرشمه ڪپور سيٽ تي تمام گهڻو ايٽيٽييوڊ ڏيکاريندي هئي.

جڏهن شگفتا علي کان پڇيو ويو ته گووندا ۽ ڪرشمه ڪپور ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ باوجود پوءِ سندن جوڙي ڇو ٽٽي وئي؟ ته هن جواب ڏنو ته شايد سندن دلچسپي ختم ٿي وئي هوندي يا هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ لڳاءُ اڳ وانگر باقي نه رهيو هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته هيروئنن جي مزاج بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي ۽ حد کان وڌيڪ جوش يا هر حال ۾ تمام گهڻي ڪاميابي ماڻڻ جي خواهش رکڻ به هميشه سٺي ڳالهه ناهي. سندس چوڻ موجب ڪرشمه ڪپور جون خواهشون ڪجهه وڌيڪ هونديون هيون. هوءَ انتهائي محنتي هئي، پر سندس رويو ڪجهه عجيب محسوس ٿيندو هو.

پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي شگفتا علي چيو ته اها ڳالهه هر هنڌ نظر ايندي هئي. سيٽ تي توهان ڪهڙي رويي سان ايندا آهيو ۽ ٻين سان ڪيئن پيش ايندا آهيو، ان سان تمام گهڻو فرق پوندو آهي. جيڪڏهن ڪو توهان جو ساٿي اداڪار آهي ته ٻنهي پاسن کان سهڪار هجڻ گهرجي. پوءِ ڀلي گڏجي ڪو منظر شوٽ ڪري رهيا هجو يا انٽرويو ڏئي رهيا هجو، ٻنهي کي هڪجهڙو ڳالهائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته ان جو سڌو اثر اداڪاري تي به پوي ٿو. جيڪڏهن مان توهان کي ڊائلاگ يا اداڪاري ۾ مدد ڏيڻ لاءِ سيٽ تي موجود آهيان ته توهان کي به منهنجي لاءِ ساڳي ريت موجود هجڻ گهرجي. مون هن انڊسٽري ۾ 40 سال گذاريا آهن، تنهن ڪري مون اهڙيون گهڻيون شيون ويجهڙائيءَ سان ڏٺيون آهن.

You might also like