ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ناليواري ليکڪه ۽ ڪالم نگار عائشه صديقي پاڪستان مان برطانيا تعليم پرائڻ لاءِ ويل شاگردن بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.
عائشا صديقي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ گذريل سال پاڪستان مان برطانيا ويل شاگردن جي انگ اکرن بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل سال ساڍا ڏهه هزار پاڪستاني شاگردن برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ليگل ويزا تحت پهتا.
هنن چيو ته قانوني طريقي سان پهتل شاگردن برطانيا اچي اسائلم ورتو.
ناليواري تجزيا نگار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسائلم جي درخواست ڏيندڙن مان اَسي سيڪڙو شاگردن اهو چيو آهي ته اهي/هم جنس پرست آهن، جيڪڏهن اهي پاڪستان ويا ته ماريا ويندا، انڪري انهن کي اسائلم ڏني وڃي.
ياد رهي ته پاڪستان هر سال هزارن جي انگ ۾ شاگرد دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف طريقن سان وڃن ٿا جن مان سڀ کان سولو طريقو اسٽڊي ويزا آهي، جنهن تحت کين نه رڳو مفت تعليم ۽ رهائش ملي ٿي پر وظيفي طور ڳرو معاوضو به ملي ٿو.
اهو به رپورٽ ٿيندو رهيو آهي ته انهن مان گهڻي قدر شاگرد ٻاهرين ملڪن وڃي اتي اسائلم وٺندا آهن ۽ ٻيهر ايستائين پاڪستان ناهن ايندا جيستائين کي پرمننٽ ريزيڊنس سرٽيفڪيٽ (پي آر سي) يا وري سٽيزن شپ نٿي ملي وڃي.
اهو ئي سبب آهي ته پاڪستاني شاگردن لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ خاطر اچڻ لاءِ به قانون سخت کان سخت ٿيندا پيا وڃن.