حوثين جي باب المندب بابت ڌمڪي، پاڪستان جو واضح موقف

خدا بخش بروھي

باب المندب دنيا جي اهم ترين سامونڊي گذرگاهن مان هڪ آهي، جيڪو عدن جي خليج کي بحرِ احمر سان ڳنڍيندي سوئيز ڪئنال تائين پهچائي ٿو. يورپ، ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ ٿيندڙ واپار جو وڏو حصو هن ئي رستي تان گذري ٿو. عالمي تيل جي ترسيل، قدرتي گئس (LNG) ۽ ٻين واپاري سامان جو وڏو مقدار هن سامونڊي لنگهه ذريعي عالمي مارڪيٽن تائين پهچي ٿو. جيڪڏهن هتي رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ان جا اثر تيل جي قيمتن، سامونڊي انشورنس، مال برداريءَ جي خرچن ۽ عالمي سپلاءِ چين تي فوري طور ظاهر ٿين ٿا.

پاڪستان لاءِ به هي صورتحال انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي توانائيءَ جي وڏي ضرورت سعودي عرب ۽ ٻين خليجي رياستن مان پوري ٿئي ٿي، جڏهن ته يورپ سان ٿيندڙ برآمدات جو وڏو حصو پڻ هن سامونڊي رستي تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏهن باب المندب بند يا غير محفوظ ٿي وڃي ته جهازن کي آفريڪا جي ڏاکڻي حصي کان ڊگهو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، جنهن سان نه رڳو سفر جو وقت وڌندو، پر ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ به نمايان اضافو ٿيندو، جنهن جا سڌا اثر پاڪستان جي معيشت تي پوندا.

اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اڳ ئي مالي دٻاءُ ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تنهن ڪري عالمي واپار ۾ ڪنهن به وڏي رڪاوٽ سان ملڪ کي وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون. سندن مطابق مختصر مدي وارو مالي سهڪار ڪجهه حد تائين رليف ڏئي سگهي ٿو، پر پائيدار اقتصادي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارا لازمي آهن.

بحري سلامتي بابت ماهرن جا خدشا به اهم آهن. ماهرن مطابق پاڪستان کي بحرِ احمر ۾ پنهنجي بحري موجودگي وڌائڻ تي غور ڪرڻو پئجي سگهي ٿو. سندن خيال ۾ پاڪستان ڏانهن ايندڙ خام تيل جا ٽينڪر يا پاڪستاني واپاري جهاز به خطري کي منهن ڏئي سگهن ٿا. ٻئي طرف جيڪڏهن پاڪستان سعودي عرب جي حمايت ۾ وڌيڪ سرگرم فوجي ڪردار اختيار ڪري ٿو ته ايران سان لاڳاپن ۾ به نئين ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي. ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته حوثين وٽ ميزائلن، سامونڊي ڊرونن ۽ بارودي سرنگن جهڙيون صلاحيتون موجود آهن، جيڪي مڪمل ناڪابنديءَ کان سواءِ به عالمي جهازرانيءَ کي سخت متاثر ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري صرف فوجي ڪارروائين سان مسئلي جو مستقل حل ممڪن نظر نٿو اچي، جڏهن ته صورتحال وڌيڪ بگڙڻ جي صورت ۾ عالمي سطح تي گڏيل بحري تعاون جي ضرورت به پيش اچي سگهي ٿي.

اصل ۾ هي بحران يمن جي ڊگهي گهرو ويڙهه جو ئي تسلسل آهي، جيڪا 2014ع کان جاري آهي ۽ 2015ع ۾ سعودي قيادت هيٺ عرب اتحاد جي مداخلت کان پوءِ وڌيڪ پيچيده ٿي وئي. گڏيل قومن موجب هن جنگ لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي، ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته ڪروڙين ماڻهو اڃا تائين انساني امداد جا محتاج آهن. هاڻي جڏهن هي تڪرار بحرِ احمر ۽ باب المندب تائين پهچي ويو آهي ته ان جا اثر عالمي سطح تي محسوس ڪيا پيا وڃن.

موجوده حالتن ۾ پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو امتحان سفارتي توازن برقرار رکڻ آهي. هڪ طرف سعودي عرب سان دفاعي، اقتصادي ۽ توانائيءَ جا مضبوط لاڳاپا آهن، ته ٻي طرف ايران سان پاڙيسري هجڻ سبب سٺن لاڳاپن کي به برقرار رکڻ ضروري آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي صرف بيانن تائين محدود رهڻ بدران سامونڊي سلامتي، توانائيءَ جي متبادل ذريعن، واپاري رستن جي تحفظ ۽ فعال سفارتڪاريءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

باب المندب اڄ رڳو هڪ سامونڊي لنگهه نه رهيو آهي، پر عالمي واپار، توانائيءَ جي سلامتي، بين الاقوامي سفارتڪاري ۽ وچ اوڀر جي مستقبل جو اهم امتحان بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن موجوده ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي ٿي ته ان جا اثر صرف جنگ ڪندڙ ڌرين تائين محدود نه رهندا، پر پاڪستان سميت سڄي دنيا کي سياسي، معاشي ۽ سلامتيءَ جي نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like