خيرپور (ڊ ر) خيرپور جي سيشن جج ٻٻرلوءِ ۾ ٻارڙن جي آزادي لاءِ هنيل ڌرڻي تي چڙهائي، تشدد ۽ اڳواڻن جي گرفتارين تي سخت نوٽيس ورتو، گم ڪيل اڳواڻن ۽ مغوي ٻارن جي وارثن کي فوري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏھن ته عدالت ڊي آءِ جي سميت ايس ايس پي خيرپور ذاتي حيثيت ۾ اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو، سنڌ ۾ گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي آزادي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري احتجاجي ڌرڻو ۾ پوليس ڪارروائي کان پوءِ نئين قانوني، سياسي ۽ سماجي تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو، هڪ پاسي پوليس ڌرڻي جي اڳواڻن خلاف دهشت گردي ايڪٽ سميت مختلف سنگين قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ته ٻئي پاسي وڪيل برادري پوليس جي مبينا تشدد، گرفتارين ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ميدان ۾ نڪري آئي آهي.ان سڄي صورتحال تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور پڻ سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪري ورتو، ياد رهي ته پريا ايڪشن ڪاميٽي پاران پريا ڪماري، اُجالا سولنگي ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن مان گم ٿيل لڳ ڀڳ 25 معصوم ٻارن جي آزادي لاءِ ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو جاري هيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ٻارن جي گمشدگي باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سندن آزادي ۾ ناڪام رهيا آهن، تنهن ڪري احتجاج سندن آئيني ۽ قانوني حق آهي، واقعي بابت داخل ڪيل آئيني درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور منو مل اهم حڪم جاري ڪندي ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کي 25 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ، عدالت پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته کنڀي گم ڪيل سڀني اڳواڻن کي اڄ صبح جو 8:30 وڳي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قانون موجب لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ياد رهي ته هي درخواست ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي ۽ ايڊووڪيٽ غضنفر جتوئي پاران داخل ڪرائي وئي، ٻٻرلوءِ جو واقعو صرف هڪ ڌرڻي تائين محدود نه رهيو، پر هن معاملي حڪومت، پوليس، وڪيل برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سياسي حلقن ۾ به بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. هڪ طرف رياستي ادارا قانون جي عملداري جو موقف اختيار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف احتجاج ڪندڙ ۽ سموري سنڌ ان کي اظهار راءِ، پرامن احتجاج ۽ انساني حقن جي آزادي سان جوڙي رهيا آهن.هاڻي سڀني جون نظرون اڄ عدالت ۾ ٿيندڙ ڪارروائي تي آهن، جتي ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ پوليس عملدارن کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻو پوندو. عدالت جي ايندڙ حڪمن سان نه صرف گرفتار اڳواڻن جي قسمت جو فيصلو ٿيندو، پر اهو به واضح ٿيندو ته پوليس ڪارروائي قانون موجب هئي يا ان بابت وڌيڪ جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي، وڪيل اڳواڻ اهو به چيو ته پوليس پاران عدالت ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته کنڀي گم ڪيل پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جو ڪنوينئر لياقت جلباڻي اسان وٽ ناهي ۽ نه ئي سندس جو نالو ايف آءِ آر ۾ آهي احتجاج ڪندڙ وڪيلن چتاءُ ڏيندي چيو آهي جيڪڏھن پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سميت مغوي ٻارن جي وارثن کي آزاد نه ڪيو ويو ته اسان ايس ايس پي آفيس اڳيان شاميانا کوڙي احتجاج ڪنداسين جنهن جي زميوار ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور تي هوندي.