ٻارن جي آزادي لاءِ ڌرڻو هڻندڙ سهڻي پارس ۽ ٻين تي بغاوت ۽ دهشت گردي جا ڪيس داخل

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري معاملي تي سرڪار جي فريادي تي پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس سميت 150 جي لڳ ڀڳ ماڻهن مٿان رياست خلاف نعريبازي ڪرڻ ۽ ٽريفڪ معطل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، گڏيل ڪيل ڄاڻ موجب پريا ايڪشن ڪاميٽي پاران ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻي تي خميس رات دير سان پوليس احتجاجي ڪئمپ تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ طور تشدد جو نشانو بڻائڻ جون خبرون سامهون آيون، سهڻي پارس سوڌو ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري کنڀي گم ڪيو ويو، جن کي اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو، جڏهن ته اڳواڻن خلاف ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي ايس ايڇ او نور احمد لغاري جي فرياد تي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ سهڻي پارس، گل حسن، زبير کهونهارو، سردار سولنگي، شمس الدين سولنگي، عبدالجبار شيخ، شهناز شيخ، مٺل کهوڙو، پنهل ساريو، امتياز گوپانگ، رضوان ملاح، خليل الرحمان، نياز علي ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو، پوليس موجب احتجاج ڪندڙن قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ڪئي، پاڪستان مخالف نعريبازي ڪئي، قومي جهنڊي جي توهين ڪئي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث رهيا، انهن الزامن جي بنياد تي پاڪستان پينل ڪوڊ جي مختلف دفعات سان گڏ انسداد دهشت گردي جا قلم پڻ شامل ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو، پريا ايڪشن ڪاميٽي پاران لڳايل ڌرڻي ۾ پوليس جي جبر ۽ پرتشدد ڪاروائي خلاف سڄي سنڌ ۾ سياسي سماجي، سڄاڻ ڌرين ۽ خيرپور جي وڪيل برادري جو سخت ردعمل پڻ سامهون آيو، ان سلسلي ۾ پوليس ڪارروائي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي وڪيلن پاران خيرپور بار کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سيد جعفر علي شاهه، فياض خميساڻي، سجاد سولنگي، علي احمد ميمڻ ۽ ٻين ڪئي، احتجاج ڪندڙ وڪيلن چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين تي تشدد، ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوار پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گرفتار يا مبينا طور کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي، پريا ايڪشن ڪاميٽي ۽ ڌرڻي جي حامين جو چوڻ آهي ته سندن احتجاج مڪمل طور پرامن هيو، جنهن جو مقصد صرف گم ٿيل ٻارن جي آزادي لاءِ حڪومت ۽ ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ هيو، هنن پوليس جي ڪارروائي کي غيرضروري ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي گرفتار اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو،جسقم شهيد بشير خان جي چيئرمين محترم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد سيري اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ پريا ڪماري سميت معصوم ٻارن جي جبري گمشدگين، ٻٻرلوءِ ۾ ٿيل رياستي ڏاڍ ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پنهل ساريو سميت اغوا ٿيل معصوم ٻارن جي وارثن مٿان داخل ڪيل جڙتو ڪيسن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پنهل ساريو، ضلعي حيدرآباد صدر لياقت ملاح، صوفي شاهجهان ملاح حميد ملاح، جسقم ضلع حيدرآباد جوائنٽ سيڪريٽري سائين بخش برفت، ڪارڪنن سميت شرڪت ڪئي وئي، جسقم ڪارڪن مصري برفت آصف برفت، ڪامريڊ شان اگھيم، تنوير ٻگهيو، نثار نظاماڻي، سيف الله نظاماڻي، حيدر ملاح، ناثر ملاح، مهتاب راٺوڙ، رضوان بڙدي، سمير حاجاڻو سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، مظاهري دوران سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته پريا ڪماري سميت سڀئي جبري گم ڪيل معصوم ٻارڙا فوري طور بازياب ڪيا وڃن، ٻٻرلوءِ واقعي ۾ ٿيل رياستي ڏاڍ جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري پنهل ساريو ۽ ٻين متاثر خاندانن مٿان داخل ڪيل سمورا جڙتو ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن، متاثر خاندانن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين، تشدد ۽ دهشت گردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين واحتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد، سهڻي جويو، سنڌو امان چانڊيو، عبدالواحد سنڌي، ايڊووڪيٽ ڪشش خواجه ۽ ٻين چيو ته گم ٿيل ٻارن جي آزادي لاءِ ٻٻرلو باءِ پاس تي لڳل پرامن ڌرڻي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران طاقت جو ناجائز استعمال ڪيو ڪري سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن تي تشدد ڪري ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن صرف گم ٿيل ٻارن جي آزادي ۽ انصاف لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، پر سندن آواز کي دٻائڻ لاءِ گرفتارين، تشدد ۽ دهشت گردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا، جيڪي انتهائي افسوسناڪ عمل آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن، جن ۾ سهڻي پارس سميت سڀئي گرفتار اڳواڻ ۽ ڪارڪن کي آزاد ڪيو وڃي، نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان اوڏ برادري پاران گم معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مردن، عورتن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي، مظاهرين سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بنا دير بازياب ڪري سندس وارثن حوالي ڪيو وڃي، احتجاج جي اڳواڻي مختيار اوڏ، پپو اوڏ، بهادر اوڏ، فلڪ شير اوڏ، استاد سيتل مل، ڊاڪٽر سهڻو مل، جوگي اوڏ ۽ راجا ٺاڪر ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پريا ڪماري جي اغوا کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين سندس آزادي نه ٿيڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏو سواليه نشان آهي، مقررن چيو ته جيڪڏهن بااثر ماڻهن جا ٻار اغوا ٿين ٿا ته انهن کي ڪجهه ئي وقت اندر بازياب ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته غريب خاندانن جا ٻار سالن تائين لاپتا رهڻ باوجود انصاف کان محروم آهن، هنن چيو ته اهڙي ٻٽي معيار سان عوام ۾ بيچيني ۽ مايوسي وڌي رهي آهي، احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري جي آزادي لاءِ فوري ۽ مؤثر قدم کنيا وڃن، ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي ۽ متاثر خاندان کي جلد انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم (بشير خان قريشي گروپ) پاران ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس جي چڙهائي ۽ پريا ڪماري سميت جيڪي به سنڌ جون نياڻيون اغوا ڪري گم آهن انهن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي جسقم (بشير خان قريشي گروپ) جي ضلعي صدر گلشير ڪولاچي، اذان علي انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪيو ويو، مظاھرين خيرپور ۽ سکر جي ايس ايس پيز ۽ پوليس  انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، قاضي احمد ۾ نوجوانن جي سماجي تنظيم ينگ جنريشن جي سڏ تي هندو نياڻي پريا ڪماري سميت ٻين اغوا ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ايڊمور پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي قاضي احمد ٿاڻي سامهون ڌرڻو ھڻي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌين نيشنل ڪانگريس ملير پاران پريا ڪماري ۽ اجالا پروين جي آزادي لاءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن سڪندر اوٺو، سانول ظھراڻي، حنيف ڪنڀر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ماڻهن جن حڪمرانن کي واڳ ڌڻي بڻايو تن سنڌي نياڻين جي آزادي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي آئي ڏينهن فقط سندن آزادي لاءِ سکڻا اعلان ڪيا جڏهن ته وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ ڀوتارن جو ڪو به ٻار يا نياڻي اغوا يا گم نه ٿو ٿئي، هنن چيو ته اڄ سنڌ سراپا احتجاج آهي تنهن باوجود پريا ڪماري ۽ اجالا پروين گم آهن، صوبائي حڪومت جيڪڏهن سنجيدگي اختيار ڪري ته سنڌ واسين کي پنهنجا پيارا موٽي ملن،  جڏهن ته جسقم شهيد بشير خان جي مرڪزي سڏ تي ٻٻرلوءِ ۾ پوليس جي مبينا ڏاڍ، معصوم ٻارڙن جي وارثن تي لاٺي چارج ۽ جسقم شهيد بشير خان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پنهل ساريو سميت ٻين ڪارڪنن خلاف دهشت گردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڏهرڪي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جسقم شهيد بشير خان جي ڪارڪنن سائين جي.ايم. سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي، جيڪا شهر جي مختلف رستن تان گشت ڪندي ڀٽائي چوڪ تي پهتي، جتي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي جسقم شهيد بشير خان ضلع نائب صدر مير حسن لاشاري، تعلقه صدر امتياز ڀٽو، جاويد ديشي، جسقم آريسر جي ضلعي اڳواڻ ياسر سنڌي، شهزاد ڏهر، رحيم ديشي. ارشاد سنڌي ۽ مڪيش ڪمار خطاب ڪيو، جڏهن ته ڪارڪنن پاران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي خلاف رياستي جبر تي جسقم ۽ جساف بدين ۾ احتجاج ڪيو، جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) ۽ جيئي سنڌ قومي شاگرد فيڊريشن (جساف) شهيد بشير خان گروپ پاران بدين ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي پرامن احتجاج تي مبينا رياستي جبر ۽ پوليس ڪارروائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج دوران ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، احتجاج جي اڳواڻي جساف جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري تنوير ڪاتيار ۽ جسقم جي ضلعي ماليات سيڪريٽري ستار مغيري ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال ۽ مبينا رياستي جبر جمهوري ۽ انساني حقن جي لتاڙ آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، جسقم (شهيد بشير خان) پاران پريا ڪماري جي آزاديءَ ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي مٿان پوليس تشدد خلاف سٽي پريس ڪلب مٽياري آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر عابد حسين شاهاڻي , لقمان کوسو ضلعي نائب صدر دائود آرائين , بلاول وسير، جواد شيخ  ٻين ڪئي، شهدادڪوٽ ۾ پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارڙن جي آزادي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي دوران پوليس جي وحشياڻي تشدد، اڳواڻن جي گرفتاري ۽ مٿن دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف شھدادڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي ( شهيد ڀٽو) جي سڏ تي شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪامريڊ منير بروهي جي اڳواڻي ۾ لانگاھ مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جتي مظاهرين واقعي کي سنڌ حڪومت جي نااهلي قرار ڏيندي گرفتار ٿيلن جي آزادي ۽ داخل ڪيس کي خارج ڪرن جو مطالبو ڪيو،اڳواڻن ڪامريڊ منير بروهي،وزير کوسو، ڪامريڊ وهاب پندراڻي،آصف مگسي،رميز تونيو،مجاهد اعواڻ،نعمان غوري، انور مغل ۽ ٻين چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس جو وحشياڻو تشدد،گرفتاريون ۽ مٿن دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي،  ڏوڪري ۾ پڻ پريا ڪماري، اجالا پروين ۽ ٻين اغوا ٿيل جي آزادي لاءِ ۽ سنڌو درياھ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف جسقم ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو. پريا ڪماري، اجالا پروين سميت اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، ايس يو پي اڳواڻ صابر جروار، روهيت ڪمار، رياض ميراڻي، علي ڪوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. جسقم بشير خان قريشي  جي مرڪزي سڏ تي پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي صحافين قومپرستن مٿان ڪوڙن ڪيسن ۽ گرفتارين خلاف کير بازار  کان ريلي ڪڍي  ريلي  پريس ڪلب راڻيپور اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو  پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سهڻي پارس، لياقت جلباڻي ۽ پنهل ساريو سميت ٻين مٿان ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن ۽ سندن گرفتارين خلاف ڪڍي وئي مظاهري جي اڳواڻي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مجيب آزاد ڀيلار، ضلعي صدر ڪرم خان سامٽيو ڊاڪٽر نذير کوکر امداد لاڙڪ زبير سھتو قلب عباس سولنگي زاهد شنباڻي حاڪم منگي   مھتاب سھتو ڪري رهيا هئا، ھالاڻي ۾ جسقم شھيد بشير خان قريشي يونٽ پاران سنڌ جي گم ٿيل نياڻين پريا ڪماري،اجالا سولنگي ۽ ٻين جي آزادي،گڏوگڏ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي دوران گرفتار ڪيل سھڻي پارس،پنھل ساريو،۽ ٻين قومي ڪارڪنن تي داخل ڪيل مبينا ڪوڙن ڪيسن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،احتجاجي ريلي ھالاڻي بس اسٽاپ کان شروع ٿي شھر جي مختلف رستن تان گذرندي نيشنل پريس ڪلب ھالاڻي پھتي،جتي ڪارڪنن ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي،مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا،جن تي سنڌ جي گم ٿيل نياڻين جي آزادي ۽ گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ مبينا ڪوڙن ڪيسن جي خاتمي جا مطالبا درج هئا،احتجاجي مظاهري کي مرتضيٰ ماڇي، عمر نانگور،گلبهار گاڏهي،ساقب سنڌي، وقار گاڏهي،شهباز علي،فيضان ملاح ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، سيري ۾ جسقم شهيد بشير خان قريشي جي چيئرمين  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد بدين روڊ سيري اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مظاهري ۾ پريا ڪماري سميت معصوم ٻارن جي جبري گمشدگين، ٻٻرلوءِ ۾ ٿيل رياستي ڏاڍ، ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پنهل ساريو سميت اغوا ٿيل معصوم ٻارن جي وارثن مٿان داخل ڪيل جڙتو ڪيسن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، سوڀوديرو ۾ جيئيسنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي مزڪز جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي ويٺلن پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ، ڪارڪن ۽ ٻارڙن جي وارثن کي کنڀي مٿن ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ضلعي صدر جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب سوڀوديرو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر ڪرم سامٽيو تعلقي صدر حاڪم منگي سفير سامٽيو ڪئي سندن چوڻ هو ته گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪري سندن مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻٻرلوءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ گمشده ٻارڙن جي آزادي لاءِ ويٺل نياڻين،پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن، سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين جي مٿان پوليس پاران پُراَمن احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪندي کين تذليل جي نشانو بڻائيندي روڊ تي گهلي گرفتار ڪرڻ بعد کنڀي کڻي گم ڪيل اڳواڻن جي آزادي لاءِ قمبر يوٿ فورم پاران جناع باغ قمبر کان ھٿن م پلي ڪارڊ کڻي شديد نعريبازي ڪندا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

You might also like