نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ شادي جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، امروهه ضلعي ۾ ٿيل هڪ شادي جي تقريب جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ انڪشاف ٿيو ته ٻن سڳين ڀينرن ۽ سندن هڪ سئوٽ هڪ ئي ڪيمرامين سان شادي ڪري ورتي آهي.
رپورٽن موجب، ڌوريا ڳوٺ سان واسطو رکندڙ ۽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر 20 ورهين جي ساروج، 19 ورهين جي ساوتري ۽ 18 ورهين جي سنتوش 17 جولاءِ تي چامنڊا ماتا مندر ۾ پنهنجي ڪيمرامين وڪاس عرف وِڪو سان شادي ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٽنهي نوجوان عورتن ٻڌايو ته هنن اهو فيصلو ان ڪري ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ ٻئي کان ڌار رهڻ نه پيون چاهين.
”ڌار نه ٿا رهي سگهون“سوشل ميڊيا انفلوئنسر ٻن سڳين ڀينرن ۽ سئوٽ پنهنجي ڪيمرامين سان شادي ڪري ڇڏي
You might also like