ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته آپريشن (سيزيرين) ذريعي ٻارن جي پيدائش سبب عورتن جي فوتگين جي شرح ۾ واڌ آئي آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ جلد ان جا نتيجا سامهون ايندا.
جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾”ماءُ رهي سلامت“ جي عنوان سان ڪوٺايل فيملي پلاننگ سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت قانونسازي ۾ ملڪ جي ٻين صوبن کان اڳتي آهي، ان شعبي ۾ ڪيترائي اهم قانون جوڙيا ويا آهن.
ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته بار بار سيزيرين ذريعي ٻار ڄڻڻ وارن ڪيسن کي نظر ۾ رکندي، ٽئين آپريشن لاءِ ايندڙ عورتن جو مانع حمل (فيملي پلاننگ) آپريشن پڻ ڪيو ويندو، جيئن ماءُ جي صحت ۽ زندگي کي وڌيڪ خطرن کان بچائي سگهجي.
You might also like