قانون تحت نيب ڪيس ٻڌڻ اسان جو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيب ڪيسن بابت اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته نيب ڪيسن ۾ مرڪزي اپيلن ۽ ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي هاڻي وفاقي آئيني عدالت ڪندي.
عدالت لکت ۾ جاري ڪيل چيو آهي ته نيب قانون جي شق 32 ۽ 32-اي تحت سپريم ڪورٽ کي نيب ڪيسن جي ٻڌڻي جو اختيار حاصل ناهي، تنهن ڪري اهڙن ڪيسن جي اپيلن ۽ ضمانت بابت درخواستن تي وفاقي آئيني عدالت فيصلو ڪندي.
فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت وارو ڪيس به وفاقي آئيني عدالت ٻڌندي، جڏهن ته آرٽيڪل 175-اي ۽ 175-ايف تحت نيب جا لاڳاپيل سمورا ڪيس وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿيل تصور ڪيا ويندا.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني هاءِ ڪورٽ جي ضمانت واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، پر رجسٽرار سپريم ڪورٽ اعتراض هڻي درخواست واپس ڪري ڇڏي هئي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ نيب جي هڪ زيرِ التوا ڪيس دوران ٻڌڻي جي اختيار بابت سوال اٿاريو ويو هو.
نيب قانون ۾ 5 مارچ 2026ع تي ترميم کانپوءِ شق 32-اي تحت اپيلن جي ٻڌڻي جو اختيار وفاقي آئيني عدالت کي ڏنو ويو هو.
ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي، جنهن ۾ جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن پڻ شامل هئا.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عباد الرحمان لوڌي سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکڻ جا دليل ڏنا، جڏهن ته اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ نيب جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب اپيلون ۽ ضمانت جا ڪيس وفاقي آئيني عدالت ۾ ئي هلڻ گهرجن.

You might also like