جبري پورهئي جي روڪٿام ۾ ناڪامي،آمريڪا جا پاڪستان سميت 60 ملڪن تي نوان ٽيرف لاڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جبري پورهئي (فورسڊ ليبر) جي روڪٿام ۾ ناڪامي جو جواز ڄاڻائيندي پاڪستان سميت 60 کان وڌيڪ واپاري ڀائيوار ملڪن تي 10 کان 12.5 سيڪڙو تائين نوان ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيا آهن.
وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، نوان ٽيرف 24 جولاءِ کان لاڳو ٿي رهيا آهن، جنهن تحت پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي درآمدي شين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، اهو قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عالمي ٽيرف واري پاليسي کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي.
ياد رهي ته فيبروري 2026ع ۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ ٽرمپ طرفان مختلف ملڪن جي شين تي 10 کان 50 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪرڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو هو.
هن ڀيري ٽرمپ انتظاميا آمريڪي ٽريڊ ايڪٽ جي سيڪشن 301 تحت 60 کان وڌيڪ ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪيا آهن.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي ملڪ جبري پورهئي سان تيار ٿيل شين جي درآمد تي پابندي لڳائڻ ۽ لاڳاپيل قانونن تي اثرائتي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
جن ملڪن تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ارجنٽينا، بنگلاديش، برطانيا، ڪمبوڊيا، ڪئناڊا، ايڪواڊور، ايل سلواڊور، گوئٽي مالا، هونڊوراس، ڀارت، انڊونيشيا، اردن، ملائيشيا، ميڪسيڪو، پاڪستان، سريلنڪا ۽ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو شامل آهن، جڏهن ته ٻين 38 ملڪن تي 12.5 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿيندو.
آسٽريليا، برازيل ۽ ناروي سميت ڪجهه ملڪن ڄاڻايل ٽيرف تي سخت اعتراض واريندي ان کي غيرمنصفاڻو قرار ڏنو آهي.
وائيٽ هائوس موجب، ڪچي تيل، قدرتي گئس، ڪجهه خوراڪي شيون، ڀاڻ ۽ اهي شيون جيڪي اڳ ئي سيڪشن 232 نيشنل سيڪيورٽي ٽيرف هيٺ آهن، جهڙوڪ اسٽيل، گاڏيون، ايلومينيم ۽ ٽامو، نون ٽيرفن کان مستثنيٰ هونديون.

You might also like