راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگردن جا ڍانچا ۽ ٿاڪ جتي به هوندا، انهن کي ختم ڪيو ويندو.
پاڪ فوج جي سڌ سماءُ واري اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ 20هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات دوران چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي سهڪار سان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
سندس چوڻ هو ته جتي به دهشتگردن جو بنيادي ڍانچو ملڪ ۽ عوام لاءِ خطرو بڻجندو، پاڪستان ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو عزم برقرار رکندو.
فيلڊ مارشل عاصم منير موجب، پرڏيهي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ عنصر بلوچستان ۾ تشدد کي هٿي ڏيڻ، استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ امن تباهه ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهن، پر پاڪستان جون هٿياربند فوجون عوام جي حمايت سان اهڙن ناپاڪ ارادن کي مضبوط ۽ فيصلائتي جواب سان ناڪام بڻائينديون.
پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگردن جا ٺڪاڻا جتي به هوندا، ختم ڪيا ويندا: فيلڊ مارشل عاصم منير
You might also like