ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام جو تحفظ، انصاف جي فراهمي ۽ قانون ٽوڙيندڙ عنصرن کي عدالتن جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ پوليس فورس جي بنيادي ذميواري آهي.
سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 132هين پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اڄ 300 کان وڌيڪ عورت اهلڪار پنهنجي ٽريننگ مڪمل ڪري رهيون آهن، جنهن تي کيس تمام گهڻي خوشي آهي.
هن چيو ته هاڻي عوام کي پرامن زندگي فراهم ڪرڻ جي ذميواري انهن نون اهلڪارن تي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته ملڪ هن وقت دهشتگردي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز وڏي قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڪچي جا علائقا ڪجهه عرصو اڳ تائين بحران جو شڪار هئا، پر شهيدن جو رت هرگز رائيگان نه ويندو.
وڏي وزير چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ اهلڪارن جي ڀلائي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
سندس چوڻ هو ته پوليس پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان ئي عوام ۾ پنهنجو اعتماد ۽ ساک بحال ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته حڪومت پوليس کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته پوليس فورس جي طاقت معياري انساني وسيلن ۾ آهي.
هن چيو ته عوام جو تحفظ، انصاف جي فراهمي ۽ ايمانداري سان خدمت پوليس جو اصل مقصد آهي، جڏهن ته پوليس جي وردي اعزاز سان گڏ وڏي ذميواري پڻ آهي.
آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو ۽ ڪچي جي علائقن مان ڌاڙيلن جو صفايو پوليس لاءِ وڏا چئلينج آهن.
هن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ٽرينرز جا الائونس وڌايا وڃن ۽ رزاق آباد، سڪرنڊ ۽ حيدرآباد جي تربيتي مرڪزن کي پوليس ٽريننگ اسڪول جو درجو ڏنو وڃي.
عوام کي پرامن زندگي فراهم ڪرڻ جي ذميواري هاڻي نون پوليس اهلڪارن تي آهي: وڏو وزير
You might also like