اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ڀارت جو هٿ بلڪل واضح آهي، جڏهن ته افغان حڪومت دهشتگردن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي.
بلوچستان نيشنل ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو، جڏهن ته آبادي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍو صوبو آهي.
هن چيو ته بلوچستان جي قيادت هميشه ذاتي مفادن کان مٿي ٿي وفاق جو ساٿ ڏنو آهي ۽ صوبي جي ماڻهن پاڪستان جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا 90 هزار شهري شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪالهه مستونگ ۾ هڪ سيشن جج کي به قتل ڪيو ويو. هن زور ڀريو ته بلوچستان جي ماڻهن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون.
وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي چڪو هو، پر هڪ منظم سازش تحت ٻيهر دهشتگردي آندي وئي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جو مقابلو سڀني کي گڏجي ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي پاڪستان کي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، جنهن ۾ چئن ئي صوبن جون گڏيل ڪوششون شامل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي تازن ڏينهن ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جڏهن ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي سفارتڪاري کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي.