اسلام آباد(عاصمه شيرازي) پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ ڪا معمولي واڌار ناهي، پر هڪ مستقل واڌارو آهي. روزاني جي بنياد تي قيمتن جو تعين پيٽرول پمپ جي مالڪن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ظاهري طور تي غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اهيو حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي هڪ تمام وڏو سوال آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته حڪومت کان پڇڻ وارو يا انهن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿارڻ وارو ڪو به ناهي. ائين پيو لڳي جيئن حڪومت کي ’ڪلين چٽ‘ ملي وئي هجي ته اها جنهن قسم جا به فيصلا ڪري، ان تي عوام به خاموش آهي ۽ ميڊيا اندر به اهڙا آواز ناهن. جيڪڏهن ڪو ڳالهائي ٿو ته جيئن تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ميڊيا تي چڙهائي ٿيندي هئي، ائين ئي هاڻي هن حڪومت جي دور ۾ به شروع ٿي چڪي آهي.مهانگائيءَ جو عالم اهيو آهي ته اڄ به 450 کان 500 رپين جي وچ ۾ ٽماٽو وڪرو ٿي رهيو آهي. کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون مهانگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن عالمي سطح تي اگهه گھٽجن ٿا تڏهن ڪهڙي وڏي ڪمي اچي ٿي؟ يا ان سان افراط زر يا مهانگائي گھٽجي ٿي؟ ان سان عوام ۾ ڪاوڙ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ڀارت ۾ هڪ وڏي تعداد ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، مودي سرڪار جي گهر وڃڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. مودي جي 10 سالن جي دور ۾ جبر جو راڄ آهي، آواز دٻايو وڃي ٿو، ميڊيا کي خريد ڪيو ويو آهي، ۽ جنهن طريقي سان هڪ هڪ ڪري آواز اٿارڻ وارن جو ڳلو دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اڄ ماڻهو روڊن تي ويٺا آهن.سبب ڪجهه به هجي. نيپال جهڙي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش هئي، بنگلاديش ۾ ڪجهه ٻيو هو جتي شاگرد سامھون آيا. يعني ننڍا ننڍا معاملا هڪ وڏي ڪاوڙ ۾ بدلجي ويندا آهن. چوڻ لاءِ ته ننڍي ڳالهه هوندي آهي، پر ان جي پويان جيڪو لاوا پڪي رهيو هوندو آهي، اهو هڪ ڏينهن ڦاٽي پوندو آهي، هندوستان ۾ به اها ئي صورتحال آهي پاڪستان اندر هاڻي جنهن طريقي سان آزاديءِ اظهار جو ڳلو دٻايو پيو وڃي، اهو به ڪنهن آتش فشان جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. ان کي تمام ڌيان سان ڏسڻو پوندو. جيڪڏهن توهان جي آسپاس جي سڀني ملڪن جيئن نيپال، بنگلاديش، سري لنڪا ۽ هاڻ انڊيا ۾ نوجوان روڊن تي نڪتا آهن، ته اهو نٿو ٿي سگهي ته پاڪستان تي ان جا اثر نه پون. پيٽرول جي قيمت ته صرف هڪ بهانو آهي، ماڻهن اندر مهانگائي ۽ ٻين معاملن تي ڪاوڙ ۽ ڏک موجود آهي. ان کي ڏسڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.ٻئي پاسي مهانگائيءَ جي دور ۾ اعليٰ آفيسرن لاءِ 1 ارب 80 ڪروڙ رپين جو خاص الائونس منظور ڪيو ويو آهي! حڪومت ڪفايت شعاريءَ جي پاليسيءَ جي بينر هيٺ عام ملازمن جي پگھارن ۾ صرف 7 سيڪڙو واڌ ڪئي، پر بيوروڪريسيءَ لاءِ 1 ارب 80 ڪروڙ جو الائونس منظور ڪيو هڪ طرف توهان چئو ٿا معيشت خراب آهي، عوام تي پيٽرول ليوي ذريعي ٽئڪس لڳائي خون نچوڙيو ٿا، ۽ ٻئي طرف بيوروڪريسيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙيون مراعتون ڏيو ٿا ته جيئن هو توهان جي حڪم جي تعميل ڪندا رهندا ڇو ته توهان انهن تي ڀاڙي رهيا آهيو،!