ڪشمير هجي يا سنڌ،وسيلا،درياءَ،جبل مقامي ماڻهن جا آهن:بلاول

ميرپور(عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رائيونڊ جو هڪ شهري هاڻي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، ۽ سندس خواهش آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم ئي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊي.آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر حقِ حڪمراني، حقِ مالڪيت ۽ حقِ روزگار کي پنهنجي چونڊ ايجنڊا طور ورجايو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪشميرين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي اڪثريت ڏني ته اهي ٽيئي مسئلا حل ڪيا ويندا.بلاول ڀٽو چيو ته گذريل ڇهن مهينن کان آزاد ڪشمير ۾ سندن حڪومت آهي، ۽ ان دوران ڪيل ڪمن تي کين فخر آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو روڊن جون ڳالهيون ڪن ٿا، انهن کي پنجاب جا ئي روڊ ٺيڪ نظر اچن ٿا۽ چون ٿا ته صوبي کان ٻاهر نڪرندي ئي روڊ خراب ٿي وڃن ٿا.هن تنقيد ڪندي چيو ته اهي ماڻهو رائيونڊ کي ئي سڄو پنجاب سمجهن ٿا، جڏهن ته پنجاب جي اندرين علائقن جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ کين ان جي ڪا پرواهه ناهي. سندس چوڻ هو ته هاڻي اهي چاهين ٿا ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو فيصلو اسلام آباد مان ڪيو وڃي، ۽ رائيونڊ جو هڪ شهري آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻجڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته   نه اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ نه ئي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پنهنجي وزير دفاع جي بيان جي مذمت ڪئي، جنهن مان لڳي ٿو ته هو پنهنجي وزير جي موقف سان گڏ بيٺل آهن. هر چونڊ کان اڳ ن ليگ وارا خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن. هن چيو ته هو اهڙي نموني ڳالهائين ٿا، ڄڻ نه سندن والد وزيراعظم رهيو آهي ۽ نه ئي سندن چاچو وزيراعظم آهي.بلاول ڀٽو چيو ته جيڪي ماڻهو قصور کي لاهور جهڙو نه بڻائي سگهيا، اهي گلگت بلتستان کي لاهور ڪيئن بڻائيندا؟ هن وڌيڪ چيو ته اهي اهڙا شينهن آهن، جيڪي حق ڏيندا ناهن، پر حق کائي ويندا آهن.هن وڌيڪ چيو ته چونڊن دوران ن ليگ جا اڳواڻ ماڻهن وٽ اچي خوشامد ڪندا آهن، پر چونڊون ختم ٿينديون ته وري ساڳيا ماڻهو عوام لاءِ مسئلا پيدا ڪندا آهن.هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو هڪ وفاقي وزير راولاڪوٽ جي رهواسين کي ڪشميري نٿو سمجهي، ۽ حڪومت جي پراسرار خاموشي ان ڳالهه جي تائيد ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن خواجه آصف ڪشميرين کان معافي نٿو گهري ته سندس بيان کي وفاقي حڪومت جي پاليسي سمجهيو ويندو بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته ڪشمير جو نمائندو پنهنجن حقن لاءِ روڊن تي احتجاج ڪرڻ بدران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ويهي آواز اٿاري.هن آخر ۾ چيو ته ڪجهه ماڻهو دعويٰ ڪن ٿا ته 12 مخصوص سيٽون سندن کيسي ۾ آهن، جيڪا ڌانڌلي ۽ عوام سان ناانصافي آهي. سندس چوڻ هو ته هو مهاجرن جي نمائندگي يا ووٽ نه ڏيندڙن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جو حامي ناهي، بلڪه سندس موقف آهي ته ڪشمير جو فيصلو پنجاب، سنڌ، اسلام آباد يا ڪو ٻيو نه، پر ڪشميري عوام پاڻ ڪندو،

You might also like